Friday , April 19 2024

مهينو اڳ پپريءَ ۾ قتل ڪيل عورت بشريٰ شر جي قبر ڪشائي، ميڊيڪل بورڊ عدالتي نگراني ۾ جزا ورتا

جوابدار عبدالرحمان شر پنهنجي گهرواري ٻن ٻارڙن جي ماءُ کي ڪراچي ۾ قتل ڪري لاش اباڻي ڳوٺ ننگر خان شر کڻائي ويو

جوابدار بشريٰ شر جي موت کي پهريان طبي موت قرار ڏنو ۽ ٽن ڏينهن بعد قتل جو اعتراف ڪيو

جوابدار عبدالرحمان شر (فائل فوٽو)

فيض گنج( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) هڪ مهينو اڳ ملير جي پپري واري علائقي ۾ مڙس هٿان قتل ڪيل زال بشريٰ شر جي پڪاچانگ ڀرسان قبرستان ۾ عدالتي نگراني ۾ قبرڪشائي ڪري ميڊيڪل رپورٽ لاءِ جزا ورتا ويا. هڪ مهينو اڳ پپري ۾ جوابدار مڙس عبدالرحمان شر پاران پنهنجي گهر واري ٻن ٻارن جي ماءُ کي قتل ڪري طبي موت ڄاڻائي سندس مڙهه ڳوٺ ننگر خان شر ويجهو اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو هو. مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي قت ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس فريادي جي درخواست تي عدالت ميڊيڪل بورڊ جوڙي بشريٰ جي قبر ڪشائي جو حڪم ڏنو هو.

مقتولا بشريٰ شر (فائل فوٽو)

مقتول عورت بشريٰ شر جي ڀاءُ عبدالستار شر پاران  ڀيڻ جي قتل جو شڪ ظاهر ڪرڻ بعد جوابدار عبدالرحمان شر گهرواري بشريٰ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو هو. جنهن بعد مهينو اڳ بشريٰ جي ڀاءُ عبدالستار شر جي فرياد تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي عبدالرحمان شر ۽ جوابدار جي ماءُ غلام صغريٰ خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو هو، اسٽيل ٽائون پوليس اڳ ۾ ئي حراست ۾ ورتل جوابدار عبدالرحمان کي فيض گنج ٿاڻي تان پنهنجي تحويل ۾ ورتو هو، پر پوليس عورت جوابدار ۽ عبدالرحمان جي ماءُ غلام صغريٰ کي گرفتار ناهي ڪري سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس غلام صغريٰ کي گرفتار ڪرڻ جي سنجيده ڪوشش ئي ناهي ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *