Saturday , April 20 2024

منگهو پير ۾ 1000 ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي بنگالين ۽ افغانين جا قبضا، فئڪٽريون قائم

منگهو پير افغاني، پٺاڻن، بنگالين لاءِ جنت بڻيل، 1000 ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تي قبضا، فيروز بنگالي ۽ شاهه آغآ پٺاڻ  قبضا مافيا لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل

ڪراچي ( رپورٽ: آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ڪراچي جي منگهوپير وارو علائقو غيرقانوني طور ترسيل بنگالين، افغانين ۽ بهارين لاءِ جنت بڻجي ويو، سوين ايڪڙ سرڪاري زمين تي قبضا ڪري گهر، فارم هائوس، فئڪٽريون، مارڪيٽس ۽ گدام ٺاهي ڇڏيا، علي حسن بروهي لينڊ مافيا جي سرپرستي ڪرڻ ڪرڻ لڳو، ڊپٽي ڪمشنر رپورٽ وڏي وزير کي اماڻي ڇڏي. ملير ۽ اسڪيم 33 جيان ڪراچي جي جابلو ۽ ميداني پٽي واري علائقي منگهوپير ۾ بااثر قبضا مافيا فيروز بنگالي شاهه آغا پٺاڻ ۽ علي حسن بروهي جي سرپرستي ۾ سوين ايڪڙن تي مشتمل سرڪاري ۽ خانگي زمينن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن.

روينيو کاتي جي ذريعن کان سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق قبضو ڪيل زمينن تي رهائشي آباديون، مال جا واڙ، ننڍ ننڍا فارم هائوس، مارڪيٽس ۽ گدام قائم ڪيا ويا آهن.ان سلسلي ۾ www.sindhsamaachar.com کي قبضا مافيا جي هٿ آيل فهرست ۾

ديهه بجار ڀُٽي، ديهه حب، ديهه هلڪاڻي، ديهه بند مراد، منگهو پير ۽ ديهه موکي سميت من گهوپير سب ڊويزن جي قيمتي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق. قبضا مافيا ۽ انهن جي ڏوهاري قسم جي ماڻهن خلاف شڪايتون ڪندڙ علائقي جي مقامي رهواسين کي موتمار ڌمڪيون  به ڏين ٿا.

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، قبضا مافيا جي سرپرستن ۽ قبضا ڪرائيندڙن ۾ فيروز بنگالي، گڊو، علي حسن بروهي، رشيد رابڙي، عليم بهاري، ذيشان پٽني شاهه آغا پٺاڻ شامل آهن، جن مختلف نالن تي هائوسنگ سوسائٽيون ڪري ماڻهن کي پلاٽ وڪرو ڪري رهيا آهن. قبضا مافيا بابت ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ويسٽ پاران منگهوپير سب ڊويزن سميت ضلعي جي ٻين علائقن خاص طور تي جابلو ۽ سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ سرڪاري توڙي خانگي زمينن تي  ٿيل قب ضن بابت تفصيلي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ منگهوپير جي روينيو عملدارن پاران تيار ڪيل رپورٽس به شامل آهن. بورڊ آف روينيو جي ذريعن موجب وڏي وزير کي اماڻيل رپورٽ تي اڃا تائين ڪا به اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي.

ڊي سي ڪراچي اولهه  پاران ڪرپشن جي الزامن هيٺ آفيسر کي پوسٽنگ ڏيڻ کان کتو جواب

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *