Thursday , March 28 2024

منڇر ڍنڍ تباهه ٿي وئي، ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي:جسٽس(ر) اميرهاني مسلم

دادو(رپورٽر    سنڌسماءَچار) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم چيو آهي ته منڇر تباهه ٿي وئي آهي پر حڪومت سميت ڪنهن کي به ان جي پرواهه ناهي، سنڌ سرڪار منڇر جي بحالي لاءِ تڪڙا قدم کڻي بند پيل آر او پلانٽ چالو ڪيو وڃي. ڪميشن سربراهه عوامي شڪايتن تي سنڌو درياهه مان اڙل واهه ذريعي منڇر ڍنڍ لاءِ مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ واري اسڪيم ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم منڇر ڍنڍ پهچي بوبڪ بند کان زيرو پوائنٽ تائين ڍنڍ جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي منڇر واسين شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. علائقي واسين واٽر ڪميشن جي سربراهه آڏو دانهيندي چيو ته، پيئڻ جي صاف پاڻي وارو آر او پلانٽ لڳايو ويو هو جيڪو خراب هجڻ ڪري بند پيو آهي ۽ کين پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پريشان آهن. ان موقعي تي منڇر جي مهاڻن ۽ مقامي آبادگارن منظور جمالي، مولا بخش ملاح، غلام مصطفى ملاح ۽ ٻين منڇر جي تباهي ۽ آر او پلانٽ جي بندش بابت ڪميشن سربراهه کي تفصيل ٻڌايا.

امير هاني مسلم پيئڻ جي صاف پاڻي جي آر او پلانٽ جي بندش جو سخت نوٽيس وٺندي انتظاميا کي ڇنڊ پٽيندي هدايت ڪئي ته، آر او پلانٽ 24 ڪلاڪن اندر فعال بڻايو ُوڃي. ان موقعي تي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڳالهائيندي چيو ته منڇر ڍنڍ ايشيا جي مٺي پاڻي واري وڏي ڍنڍ هئي پر افسوس ته منڇر کي تباهه ڪيو ويو آهي. مٺي پاڻي جي هن ڍنڍ تي ڪير به ڌيان نه پيو ڏئي. منڇر جي بحالي لاءِ سنڌ سرڪار ڪهڙا قدم کنيا آهن؟ ان بابت مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. جنهن تي آبپاشي عملدارن کيس بريفنگ ڏيندي چيوته سنڌ سرڪار منڇر ڍنڍ جي بحاليءَ لاءِ هڪ اسڪيم سنڌو درياهه مان اڙل واهه ذريعي مٺو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ جوڙي پئي وڃي. ان موقعي تي اتي موجود علائقي واسين ۽ ڳوٺاڻن اعتراض واريندي ڍيو ته، حڪومت ۽ ڪجهه علائقي جا بااثر ماڻهو اسڪيم صرف ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ٺاهي پئي وڃي. جنهن تي ڪميشن سربراهه جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم اها اسڪيم ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *