Thursday , March 28 2024

مني لانڊرنگ ڪيس:آصف زردري، فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جو پٽ روپوش جوابدار قرار

ڪراچي ( رپورٽر سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ٻه نمبر اڪائونٽس ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي اڳوڻي صدر آصف زرداري، اڳوڻي ايم اين اي فريال ٽالپر ۽ انور مجيد جي پٽ سميت 20 ڄڻن کي رپوش (Absconder) جوابدار قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر ڪيس جو عارضي چالان ( انٽيريم چالان) عدالت ۾ پيش ڪيو. ايف آءِ اي چالان ۾ چيو آهي ته، اسڪينڊل ۾ حسن لوائي سميت 2 جوابدار گرفتار ڪيل آهن. ڪيس ۾ شامل جوابدارن تي اربين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي،جڏهن ته لسٽ ۾ زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جا نالا 19هين ۽ 20 هين نمبر تي موجود آهن.

مني لانڊرنگ ڪيس ۾ روپوش قرار ڏنل جوابدارن ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن. ايف آئي اي وٽ حسين لوائي سميت 32 ماڻهن خلاف بي نامي اڪائونٽس جي جاچ جاري آهي،انهن اڪائونٽس جي ذريعي مبينا طور تي اربين رپين جي ڏيتي ليتي ڪئي وئي.

ايف آئي اي جي ذريعن مطابق هي اڪائونٽس 2014 ۾ ڪجهه مهينن لاءِ کوليا ويا هئا،انهن اڪائونٽس جي جاچ 2015 ۾ شروع ڪئي وئي ۽ بعد ۾ جاچ کي روڪيو ويو هو. هڪ ٻئي بينڪ اڪائونٽ ۾ اربين رپيا موڪليا ويا،بينڪ اڪائونٽس مختلف ماڻهن جي نالن تي کوليا ويا،انهن ماڻهن کان جڏهن پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته انهن اڪائونٽس کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *