Friday , April 19 2024

منهنجي گهر مان مليل 2 ڪروڙ رپيا ڪيڏانهن ويا….؟؟ شرجيل ميمڻ

sham sunder3Sharjeel PC1

اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته، نيب پاران ريفرنس داخل ڪرڻ کان اڳ ئي منهنجو  نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو، پاناما ڪيس ۾ وزيراعظم ۽ سندس ڪٽنب جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڇو نه پيا ڪيا وڃن، مونکي گرفتار ڪندڙ اهلڪارن بدتميزي ڪئي، نيب ۽ ايف آءِ اي جا قانون پيپلزپارٽي لاءِ هڪڙا ۽ نوازليگ لاءِ ٻيا آهن.

پرڏيهه مان واپسي بعد اسلام آباد جي شهيد بينظير ڀٽو ايئرپورٽ تان ڊرامائي انداز ۾ گرفتاري ۽ آزادي کانپوءِ، پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته، ضمانت هجڻ باوجود سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن حراست ۾ وٺي پهريان هڪڙي ۽ پوءِ ٻي گاڏي ۾ ويهاريو ويو ۽ بدتميزي به ڪئي.

شرجيل ميمڻ چيو ته، ٻه سال اڳ وڏي وزير کان اجازت وٺي علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه ويس، جنهن تي واويلا ڪئي وئي ته آءُ ڀڄي ويو آهيان.

منهنجي پرڏيهه وڃڻ بعد نيب سرگرم ٿي وئي، هڪ ٽي وي چئنل منهنجي گهر مان 2 ارب رپيا روڪ رقم هٿ اچڻ جون خبرون هلايون، جيڪڏهن منهنجي گهر مان ايڏي وڏي رقم هٿ آئي ته اُها ڪيڏانهن وئي، رقم ظاهر ڇو نه ڪئي وئي.

شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته، طبعيت خراب هجڻ سبب پرڏيهه ۾ علاج لاءِ ويس، ڊاڪٽرن سفر کان منع ڪئي، جنهن ڪري وطن نه پڇي آيس.

Sharjeel PC

اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته، مون کي ڪا به ڄاڻ نه هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ منهنجو موقف ٻڌڻ بنا نالو اِي سِي ايل ۾ شامل ڪيو ويو جنهن بعد، آڪٽوبر 2016 ۾ منهنجي خلاف ريفرنس داخل ڪيو ويو.

شرجيل ميمڻ چيو ته پاڻ تي لڳايل ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيندس، پاڻ تي لڳايل ڪرپشن جي لڳايل هڪ هڪ الزام جو تفصيلي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ۽ الزامن کي عدالتن ۾ منهن ڏيندس.

شرجيل ميمڻ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته، جيڪڏهن نيب جي ڪنهن به ريفرنس ۾ نالو اچڻ جي بنياد تي نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ، پاناما ۾ نالو اچڻ بعد وزير اعظم ۽ شريف ڪٽنب جي ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڇو نه ٿا ڪيا وڃن.

اڳوڻي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن جا قانون پيپلز پارٽي لاءِ هڪڙا ۽ ٻين لاءِ ٻيا آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته، نواز ليگ جي اهم اڳواڻ رانا مشهود پاران ڪرپشن جا پئسن لاءِ ڊيل ڪرڻ واري وڊيو سامهون آئي ان خلاف ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *