Wednesday , April 24 2024

ملڪ ۾ ڪا به مهانگائي ناهي، اجايو لُڙ ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ملڪ ۾ ڪا به مهانگائي ناهي، اپوزيشن وارا اجايو لُڙ ڪري رهيا آهن، تبديلي جو ثمر عوام کي ملڻ شروع ٿي ويو آهي، وزيراعظم عمران خان جو اسلام آباد ۾ حڪومتي پوليٽيڪل ڪميٽي جي اجلاس دوران اظهار. اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته، ملڪ ۾ معاشي تناسب تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، جيڪو مثبت عمل آهي، تبديلي ۽ معاشي ترقي جو ثمر عوام تائين پهچي رهيو آهي، پر ان جي ابتڙ اپويزيشن واران مهانگائي مهانگائي ڪري عوام کي حڪومت خلاف ڀڙڪائي رهيا آهن ۽ مهانگائي جي ڳالهه ڪري اجايو لُڙ ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم پنهنجي پوليٽڪيل ٽيم کي هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ مهانگائي بابت اپوزيشن جي اجائي واويلا کي عوام آڏو وائکو ڪيو وڃي.

لمس ڄامشورو جي پرو وي سي يونيورسٽي ۾ بادشاهي قائم ڪري ورتي،17 کان وڌيڪ مختلف شعبن جو انچارج بڻيل

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *