Thursday , April 18 2024

ملڪ ۾ وي آءِ پي موومينٽ دوران ٻن منٽن کان وڌيڪ رستا بند نه ڪيا وڃن: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (سنڌسماءَچار     مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وي آءِ پي موومينٽ بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته وي آءِ پي موومينٽ لاءِ 2 منٽن کان وڌيڪ روڊ بند نه رکيو وڃي. وي آءِ پي موومنٽ واري ورتو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس بابت چيف جسٽس ميان ثاقب نثار لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته يقيني بڻايو ته روڊ بلاڪ ڪرڻ سان ڪنهن جي زندگي کي نقصان نه پهچي ۽ 2 منٽن کان وڌيڪ روڊ بند نه رکيا وڃن. سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته وي آءِ پي موومينٽ دوران اسپتال ويندڙ گاڏين لاءِ ممڪن حد تائين رستا ڪليئر رکيا وڃن.

ياد رهي ته عام حالتن ۾ وزيراعظ۾، صدر، گورنرز ۽ سي ايم سميت سڄي ملڪ جي شهرن ۾ جتي به انهن جي آمد هوندي آهي ته شهرن ۾ ٽريفڪ کي روڪي رستا عام ماڻهن ۽ گاڏين جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيا ويندا آحن، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين گاڏيون ٽريفڪ ۾ ڪيترو ئي وقت ڦاٿل رهنديون آهن. ان ٽرفڪ جام دوران مريضن کي هنگامي حالتن ۾ اسپتالن ڏانهن منتقل ڪندڙ گاڏين خاص طور تي ايمبولينسز پڻ ان ٽريفڪ ۾ ڦاٿل هونديون آهن. ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت اهڙيون رپورٽس به اينديون رهيون آهن ته مريض وي آءِ پي موومينٽ دوران رستا بند هجڻ ڪري ايمبولينسز ۾ ئي فوت ٿي ويا.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *