Friday , March 29 2024

ملڪ کي ون يونٽ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، ملڪ هٿ مان وڃي رهيو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

پيپلز پارٽي حڪومت خلاف ڪاوڙ جي موڊ ۾ اچي وئي، جهيڙو ڪرڻ لاءِ به تيار

ملڪ کي ون يونٽ طرف ڌڪڻ جي ڪوشش پئي ٿئي، ملڪ هٿ مان وڃي رهيو آهي:بلاول ڀٽو زرداري

ڳڙهي خدابخش / لاڙڪاڻو (رپروٽر   سنڌسماءَچار)  بلاول ڀٽو زرداري جي آءِ ٽي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته، جي آءِ ٽي رپورٽس ذريعي ڊيڄاريو پيو وڃي، ڊڄڻ وارو نه آهيان، حڪومت شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي جا قاتل ته ڳلي نه سگهي پر منهنجي نيرن جا بلز ڳولي لڌا آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ کي نه ٿو مڃان، عدالتون جي آءِ ٽي رپورٽ کي رديءَ ۾ اڇلائي ڇڏينديون، ارڙهين ترميم ختم ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، هڪ طرفي احتساب کان ڊڄي قبرن سان غداري نه ڪنداسين، ڪٺ پتلي وزيراعظم ون يونٽ جو نظام آڻي صوبن کي مليل اختيار کسڻ چاهي ٿو، عوام جي حقن لاءِ ويڙهه ڪنداسين. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي 11هين ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سليڪٽيڊ وزير اعظم کي اندازو ئي نه آهي ته وفاق جون پاڙون ڪيتريون ڪمزور ٿي رهيون آهن. مختلف هنڌن تي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ جي مفادن کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلايو پيو وڃي، پر حڪمرانن کي ان جو ڪو به احساس نه آهي. نواز شريف جي سزا بعد پنجاب ۾ جيڪي نعرا لڳا انهن جو ڪڏهن تصور به نٿو ڪري سگهجي، حڪمران 18هين ترميم ختم ڪرڻ چاهين ٿا ۽ ملڪ کي ون يونٽ ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي واري جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽُ جو چوڻ هو ته، تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته، حڪومت شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي قاتلن جو ته اڃا تائين پتو ناهي لڳائي سگهي، پر منهنجي نيرن جو بل جلدي هٿ ڪري ظاهر ڪيو آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته حڪمران رڳو مخالفن تي نظر رکيو ويٺا آهن.مان جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي سفيد ڪوڙ تي ٻڌل سمجهان ٿو ۽ ان کي رد ڪيان ٿوڍ. جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي بنياد تي حڪمران عدالتن کي به اونداهي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اسان کي اميد آهي ته عدالت جي آءِ ٽي رپورٽ کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ طرفي احتساب کان ڊڄي عوام جي مفادن تي سمجهوتو يا شهيدن جي قبرن سان ڪڏهن به غداري نه ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *