Thursday , March 28 2024

ملڪي ميڊيا سنڌ واسين خلاف سازش بند ڪري- اصغر آزاد

جڏهن کان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، مسٽر جسٽس ميان ثاقب نثار(جنهن کي پاڻي معاملن جي ٽڪي برابر ڄاڻ ناهي) پاران ڊيمن جي اڏاوت لاءِ طوفان آندو آهي. اهو سپريم ڪورٽ پاران برپا ڪيل طوفان سنڌ جي خلاف آهي. سپريم ڪورٽ پاران شروع ڪيل ڊيمز سازش ذريعي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم (عام طور) ۽ سامونڊي پٽي (خاص طور) جي لکين سنڌ واسين جي ساهه جي رڳ تي لت رکي وئي آهي. ان جو جيڪو به نقصان ٿيندو ان جي ذميواري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان، صدر پاڪستان، وزيراعليٰ پنجاب ۽ وزيراعليٰ سنڌ هوندا.

هاڻي اچون ٿان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ سامونڊي پٽي جي تباهي لاءِ ميدان ۾ لٿل پاڪستاني ميڊيا هائوسز طرفان سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي آبياري ڪندي ميڊيا تي اشتهار (شبدي بازي) ڪئي پئي وڃي جنهن ۾ سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي کي فضول، زيان قومي گناهه وغيره قرار ڏنو پيو وڃي. ان ئي سلسلي ۾ ملڪ جي سمورن ٽي وي چئنلز ۽ اخبارن جا مالڪ، سڀ جو سڀ ملوث آهن. (ميڊيا ورڪر جي حيثيت ۾ مان به جوابدار آهيان) سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي آبي جيوت، تمر جي ٻيلن لاءِ زندگي آهي. تمر جا ٻيلا ماحولياتي آلودگي کي روڪڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن. تمر جا ٻيلا سمنڊ جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ کان روڪيندا آهن.

هن وقت سمورا ٽي وي چئنلز/اخبارون ٺٽي، ڪراچي ۽ سجاول ضلعن سميت سنڌ جي سموري ساحلي پٽي تي رهندڙ ماڻهن جي خلاف کلئي عام قتل ڪرڻ لاءِ مهم هلائي هلائي رهيا آهن ۽ سياسي پارٽيون خاص طور تي ايوانن ۾ ويٺل نمائندا وات ۾ مڱ وجهي ويهي رهيا آهن. اچو ته گڏجي سازش خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *