Saturday , April 20 2024

ملير جو اڳوڻو ڊي سي قاضي جان محمد 10ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نئب حوالي

 قاضي جان محمد سان گڏ ڪجهه سرڪاري آفيسرجن ۾ انڪم ٽئڪس جا ملازم ۽ مختلف سياسي پارٽين جا سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل آهن.

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) ملير جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر قاضي جان محمد 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نئب حوالي ٿي ويو آهي. نئب جي جاچ ٽيم قاضي جان محمد کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ لاءِ درخواست ڏني، جيڪا عدالت قبول ڪندي کيس نئب حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. قاضي جان محمد تي الزام آهي ته، هن ملير ۾ ڊپٽي ڪمشنر طور مقرري دوران،اسڪيم 31 ۽ 33 ۾ قيمتي زمين غيرقانوني طريقي سان کاتن تي چاڙهي منتقل ڪري سرڪاري خزاني کي نقصان پهچايو. زمينن جي منتقلي واري ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر قاضي جان محمد کي نئب گرفتار ڪيو هو، جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي گرفتار جوابدار قاضي جان محمد عدالت کي درخواست ڪئي ته، هُو دل جي بي،مماري جو مريض آهي، نئب اختيارين کي هدايت ڪئي وڃي ته اُهي دوائون مهيا ڪرڻ ۽ نئب ڪسٽڊي ۾ کيس بي ڪلاس ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت جوابدار کان سوال ڪيو ته، اوهان تي الزام ڪهڙا آهن؟جنهن تي نئب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته، جوابدار ملير ضلعي جو اڳوڻو ڊپٽي ڪمشنر آهي، پنهنجي مقرري دوران هن اسڪيم 31 ۽ 33 ۾ 27 قيمتي پلاٽ الاٽ ڪيا، اهو سمورو ڪم روينيو کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪيو. پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ سان قومي خزاني کي 2 ڏهائي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهتو.

ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق قاضي جان محمد سان گڏ ڪجهه سرڪاري آفيسر به شامل آهن، جن ۾ انڪم ٽئڪس جا ملازم، مختلف سياسي پارٽين جا سرگرم اڳواڻ ۽ ڪارڪن شامل آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *