Saturday , April 20 2024

مشرف ڪمانڊو هو، وطن واپس اچڻ ۽ عدالت ۾ پيشي کان ڇو ڊڄي ويو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(رپورٽر    سنڌسماءَچار) ڪمانڊو ڪيئن ڊڄي ويو؟ مشرف ڪمانڊو آهي ته ڏيهه واپس اچي ڏيکاري، سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي عدالت آڏو پيش ٿيڻ لاءِ سڀاڻي 2 وڳي تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي، سڀاڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، چيف جسٽس چيو آهي ته، مشرف کي لکت ۾ ضمانت ڏيڻ جا پابند نه آهيون، سڀاڻي عدالت ۾ پيش نه ٿيو ته قانوني ڪارروائي ڪنداسين، ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته، پهرين به چيو آهي ته مشرف ڏيهه واپس اچي، تحفظ ڏينداسين. سپريم ڪورٽ پرويز مشرف کي وطن واپس اچي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين مهلت ڏئي ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پرويزمشرف واپس اچي پيش نه ٿيو ته قانون موجب فيصلو ڪنداسين. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ پرويز مشرف جي واپسي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو ته سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي شرطن جي پابند نه آهي،

مشرف مڪون ڪيئن ڏيکاريندو هو، کيس واپس اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻ گهرجي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پرويز مشرف کي عدالت نه پر حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي.  چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پهريان چئي چڪا آهيون، مشرف وطن واپس اچي کيس تحفظ ڏينداسين. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته پرويزمشرف کي لکت ۾گارنٽي جا پابند ناهيون، سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  پرويز مشرف جو سڃاڻپ ڪارڊ بحال ڪيو ويو آهي. پرويز مشرف جو وڪيل دليلن ۾ چيو ته پرويز مشرف جا نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا وڃن. عدالت پرويز مشرف کي ڏيهه واپس اچڻ لاءِ سڀاڻي منجهند 2 وڳي تائين جي مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *