Saturday , April 20 2024

مسڪين 19 گريڊ جا آفيسرز جو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي گذارو

سنڌ حڪومت پاران بينظير سپورٽ پروگرام مان وظيفو وٺندڙ ملازمن ۽ آفيسرن خلاف ڪارروائي جو فيصلو

فهرست ۾ 19 هين گريڊ جي انيسا ٻگهيو، نورجهان، نسيم، سلميٰ خاتون، زبيده ٽڳڙ جا نالا شامل

مهرالنساءِ، عابده ڪلهوڙو، ممتاز بيگم سولنگي، نورجهان، صفيه رضا خان ۽ ساجده پروين سومرو تي به وظيفو وٺڻ جو الزام

ڪراچي( رپوورٽر  سنڌسماءَچار) غريب ڪٽنبن کي مالي مدد لاءِ پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران قائم ڪيل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان سڄي ملڪ جيان سنڌ حڪومت جي17هين کان 19هين گريڊ تائين جي آفيسرز به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تي ڪيترن ئي ورهين کان هٿ صاف ڪندا رهيا آهن. وفاقي حڪومت پاران سڄي ملڪ ۾ وفاقي توڙي صوبائي ڪامورن، سندن گهر وارين توڙي ٻين گهر ڀاتين ۽ ويجهن مائٽن پاران هڪ لک 47 هزار ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي هئي، وفاقي حڪومت پاران انهن سمورن آفيسرز خلاف ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل صوبن جي چيف سيڪريٽريز کي به هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. سنڌ حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو حاصل ڪندڙ سرڪاري ملازمن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جي اماڻيل فهرست ۾ شامل شناختي ڪارڊ نمبرز ذريعي سنڌ حڪومت صوبائي کاتن ۾ پنهنجي ملازمن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ معلوم ٿيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي انتظاميه وظيفو وٺندڙ سرڪاري ملازم عورتن توڙي پنهنجي زالن جي نالي تي فائدو کڻندڙ مرد ملازمن خلاف ڪارروائي لاءِ لسٽون سنڌ حڪومت ڏانهن اماڻيون هيون، جنهن بعد سنڌ جي چيف سيڪريٽري اها لسٽ لاڳاپيل کاتن ڏانهن اماڻي، ملازمن بابت تفصيل طلب ڪيا هئا.

لسٽ سي ايم هائوس پڻ اماڻي وئي هئي، جنهن تي وڏي وزير لسٽ ۾ شامل سرڪاري ملازمن بابت هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته لسٽ ملڻ بعد ملوٽ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ رقم حاصل ڪندڙ گريڊ هڪ کان 19 تائين جي 5200 کان وڌيڪ عورت ملازمن جي لسٽ ۾ تعليم کاتي جي 19هين گريڊ جي آفيسر اڳوڻي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اوڀر ڪراچي ۽ هاڻوڪي هائير سيڪنڊري اسڪول جي پرنسيپال انيسا ٻڳهيو، نورجهان، نسيم محمد حفيظ، سلميٰ خاتون، زبيده ٽڳڙ، عابده ڪلهوڙو، منظوران سومرو، نسيم اختر جلال الدين، ۽ ڪنڊيارو واسڻ رقيه شامل آهن.

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ پاڻ کي مسڪين ڄاڻائي فائدو حاصل ڪندڙن ۾ 18هين گريڊ جي مهرالنساءِ، ممتاز بيگم سولنگي، نورجهان وقار احمد، صفيه رضا خان، ساجده پروين سومرو، سڪينا سومرو، شهناز ڪيريو، شهناز بيگم، نغمه چانڊيو، مهرالنساءِ، عزيزان دادو واسڻ، امتياز بيگم لاشاري، گل نسرين ڪلهوڙو، ياسمين پٺاڻ،زاهده پروين پليجو به شامل آهي. 17هين گريڊ جون نوشابا بانو، بلقيس مغل، شبنم شڪور، خورشيد بيگم هيسباڻي، نازيا بلوچ، فهميده ابڙو، حفيظان، غزالا عثمان، عشرت بيگم، فريده بيگم، دلشاد بيگم ميمڻ، غلام فاطمه به بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پاڻ کي غريب ڄاڻائي پئسا ورتا. 16هين گريڊ جون افروز بيبي، انصار بانو، عائشه، عائشه خاتون، عائشه سومرو، اعليم جمالي، الهبچائي، امن خاتون، امير بانو، آمنه بانو، اميران کوسو، انعم فردوس، حسينا بانوعباسي، حضوران بيبي سومرو، هير، هدايت خاتون، درناز، فهميده هارون، فضا قمبراڻي  به بي آءِ ايس پي مان پئسا ورتا، جيڪي سڀ تعليم کاتي ۾ تعلقه ايجوڪيشن آفيسر توڙي اسڪولن ۾ هيڊمسٽريس جي عهدن تي مقرر ٿيل آهين، يا انهن عهدن تي رهيون آهن.
تعليم کاتي جي 15هين گريڊ جون عابده پروين، افروز بيگم، بلقيس فاطمه، مائي زرينه، ڪلثوم زنگيجو به شامل آهي، ان کان علاوه صحت کاتي جي دادو اسپتال جي 16هين گريڊ جي ملازمه الهبچائي، ٺٽي اسپتال جي ملازمه آمنا، 17هين گريڊ جي ڊاڪٽر نجم سحر، عشرت شاهين ۽ ممتاز بيگم سميت ٻيا ملازم شامل آهن، جڏهن ته مختلف کاتن جي گريڊ هڪ کان 20 تائين جي 49 هزار 17 ملازمن جي لسٽ ۾ لائيو اسٽاڪ کاتي جو 17هين گريڊ جي محمد سومار سميت تعليم کاتي جا 18هين گريڊ جو عبدالنبي کوسو، عبدالحفيظ، 17هين گريڊ جو عبدالفتاح، عبدالقيوم، 19هين گريڊ جو عبدالغفار، عبدالغفور عبدالجبار ڀيو ۽ ٻيا شامل آهن، اهڙي زراعت، پاپوليشن، صحت ۽ ٻين کاتن جي سرڪاري ملازمن جي لسٽ جاري ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته انهن پنهنجي زالن جي نالي تي بينظير انڪم سپورٽ مان رقم حاصل ڪئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *