Thursday , March 28 2024

مستونگ ۾ ڌماڪو،بي اي پي جي اميدوار سراج رئيساڻي سميت 130 ڄڻا شهيد

مستونگ ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) مستونگ ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي چونڊ جلسي دوران آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ پي بي 35 جي اميدوار نوابزاده سراج رئيساڻي سميت 130 ڄڻا شهيد ۽ 200 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، ليويز ذريعن موجب مستونگ جي علائقي درينڳڙهه ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اميدوار سراج رئيساڻي جي چونڊ مهم دوران آپگهاتي بمبار حملي آور پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ 130 ڄڻا شهيد ۽ 200 کان کان وڌيڪ زخمي آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 62 ماڻهو ٿڏي تي زخمي ٿي پيا ۽ 290 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿيا.

ذريعن موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن مان اڪثر جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هئي، جن کي ڪوئيٽا ۽ مستونگ سميت سي ايم ايڇ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان وڌيڪ ماڻهو زخمن جي سٽ نه سهندي يا ته رستي يا وري اسپتالن ۾ علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر مستونگ موجب ڌماڪي جي ڪيترن ئي زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتالن ڏانهن اماڻيو ويو آهي جڏهن ته ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مستونگ ڌماڪي جي 53 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

اسپتال ذريعن موجب ڌماڪي ۾ شهيد 38 ڄڻن جا لاش سول اسپتال جڏهن ته 6 جا لاش بي ايم سي ۾ موجود آهن. مستونگ واقعي ۾ شهادتون وڌڻ سبب ڪوئيٽا جي سول اسپتال جي مرده خاني ۾ ميتون رکڻ جي جاءِ گهٽ ٿي وئي آهي ۽ مرده خانن کان سواءِ حادثن واري شعبي ۾ به ميتون رکيون ويون آهن. آپگهاتي ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويل بلوچستان جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي بي 35 تي بلوچستان عوامي پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي رهيو هو. سراج رئيساڻي بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير اسلم رئيساڻي جو ننڍو ڀاءُ هو. ڌماڪي جي فوري بعد سيڪيورٽي فورسز علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي عملي پهچي ڌماڪي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون. بي ڊي ايس موجب ڌماڪي ۾ 16 کان 20 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *