Thursday , March 28 2024

مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ پولنگ اسٽيشنز تي پهچي ووٽن جو ڌرڻو هڻڻون پوندو: علي قاضي جو راڻيپور جلسي کي خطاب

راڻيپور ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) تبديلي پسند پارٽي جي سرواڻ علي قاضي چيو آهي ته مسئلي جي حل لاءِ مظاهرا ۽ ڌرڻا گهڻا ٿي ويا، سڀني مسئلن جي حل لاءِ هاڻي ووٽن جو ڌرڻو هڻڻ جي ضرورت آهي، اليڪشن واري ڏينهن سنڌ امڙ جي خوشحالي خاطر بيمار ماڻهن ۽ پردو ڪندڙ نياڻين کي به پولنگ اسٽيشن تي پهچي تبديليءَ جو ٺپو هڻڻو پوندو. اهڙو اظهار هن سوڀوديرو ۾ عوامي ميڙاڪي کي خطاب دوران ڪيو. علي قاضي چيو ته خراب حڪمراني سبب ئي سنڌ مسئلن جو شڪار بڻيل آهي، جنهن ڪري ماڻهو روڊن تي ڌرڻا هڻي احتجاج ڪري رهيا آهن. پر مظاهرا ۽ ڌرڻا گهڻا ٿي ويا، انهن سان مسئلا حل نه پيا ٿين.

 سمورن مسئلن جو حل سٺي حڪمراني ۽ تبديلي ۾ آهي ۽ تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان سڀ گڏجي ان لاءِ ووٽ ڏينداسين. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته جيڪڏهن اسان سنڌ جون هاڻوڪيون حالتون بدلائڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اليڪشن واري ڏينهن اسان کي ووٽ ڏيڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن پهچڻو پوندو. ووٽ واري ڏينهن ڪو به عذر پيش نه ٿيڻ گهرجي. اسان جي بيمار ماڻهن ۽ پردو ڪندڙ نياڻين کي به سنڌ امڙ جي خاطر ٻاهر نڪري پولنگ اسٽيشن تي پهچي تبديليءَ کي ٺپو هڻڻو پوندو. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ غريبن کي دوا نٿي ملي، ۽ نه ئي وري غريب جي ٻار کي سرڪاري اسڪول ۾ سٺي تعليم ملي ٿي. اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي جو اسان جن ماڻهن کي ووٽ ڏيون ٿا، انهن کي اسان جي مسئلن سان ڪا به دلچسپي نه آهي. سنڌ ۾ هر هنڌ ڏکن جي ڪهاڻي آهي، ٿر کي ڏسون ٿا ته اتي پيئڻ جو صاف پاڻي نه آهي، هزارين ماڻهو ڪاري ڪامڻ وگھي مرن ٿا، جن جو ڪو به حال پڇڻ وارو نه آهي.

تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته ڀوتارن کان ڊڄڻ جي ضرورت نه آهي، ڪجهه ڀوتار ۽ هنن جا ٻه اڍائي هزار ڇاڙتا سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن.علي قاضي چيو ته جتي بهتر حڪمراني آهي اتي ڪنهن به پوليس واري کي اها طاقت نٿي ٿئي ته ڪنهن ڀوتار جي چوڻ تي ڪنهن بي گناھ کي ٻڌي يا ڪنهن ڏوهاري کي ڇڏي. تبديلي پسندن جي سرواڻ چيو ته مون کي ان وقت ڏک ٿيو، جڏهن مون لاڙ ۾ هڪ ئي دُٻــَي مان ڪتي ۽ انسان جي ٻار کي پاڻي پئيندي ڏٺو، اها وڏي افسوس جي ڳالھه آهي ته سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو ڪاري ڪامڻ جو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا 50 کان 60 لک ماڻهو ورتل آهن.علي قاضي چيو ته سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي ڏسي ڳڻتي پيدا ٿئي ٿي ته ڪٿي اهي غلط ڪمن ۾ نه هليا وڃن، انهن سڀني مسئلن جو حل رڳو سٺي حڪمراني ئي آهي ۽ سٺي حڪمراني تڏهن ايندي جڏهن اسان پنهنجي ووٽ جو درست استعمال ڪنداسين. سنڌ جي ماڻهن ۾ ڀوتارن لاءِ جيڪا ڪاوڙ آهي اها 2018 واري اليڪشن ۾ ووٽ ذريعي تبديلي جي ذريعي ڪڍڻ گهرجي. ايندڙ اليڪشن ۾ تبديلي پسند پارٽي جي ذريعي ماڻهن وٽ جيڪو متبادل نه هجڻ وارو دليل هيو اهو به ختم ٿي ويندو. هن چيو ته اسين ڪنهن به پارٽي جي خلاف يا متبادل نه پر ڀوتارن جي خلاف آهيون ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حق کان آگاهه ڪري رهيا آهيون. ميڙاڪي کي مئڊم ارم بلوچ، شهناز شيخ، ثمر علي شاھ، علي شير مهر ۽ ٻين به خطاب ڪيو، ان کان اڳ علي قاضي جو راڻيپور قومي شاهراه تي باب احمد شاھ وٽ شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گاڏين جي قافلي ۾ سوڀو ديرو آندو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *