Saturday , April 20 2024

مردان: ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصورون ڏوهه بڻجي ويون، ولي خان يونيورسٽي ۾ جوابدارن هڪ شاگرد کي قتل ڪري ڇڏيو

Mashaal 6

(مشعال خان جي ڪمري جو ڏيک، ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصويرون نظر اچي رهيون آهن.)

مرادن جي عبدالولي خان يونيورسٽي جي هڪ شاگرد مشعال خان پاران هاسٽل جي پنهنجي ڪمري ۾ ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون لڳايل تصويرون سندس موت جو سنيهو بڻجي ويون.

ميڊيا رپورٽس موجب، مردان ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي  ۾ شاگردن جي هڪ ٽولي توهين رسالت جي مبينا الزام هيٺ فائرنگ ڪري هڪ شاگرد کي اڌ مئو ڪرڻ بعد کيس سري عام تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو. جوابدارن پاران شاگرد مشعال خان جي ڪمري ۾ داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي. مشعال خان جي ڪمري ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد مشعال کي يونيورسٽي جي احاطي اندر ئي انسانيت سوز تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

Mashaal 3

(ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصويرون پنهنجي ڪمري ۾ هڻڻ جي ڏوهه ۾ ماريل نوجوان مشعال خان جو لاش)

مذهبي جماعت سان واسطو رکندڙ شاگردن جي ٽولي جي حملي جي نتيجي ۾ وڌيڪ 7 شاگرد به زخمي ٿي پيا. اهڙي واقعي بعد انتظاميا يونيورسٽي کي اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو آهي.

ڊان ٽي وي جي هڪ رپورٽ ۾ توهين رسالت جي الزام هيٺ مارجي ويل شاگرد جي هاسٽل واري ڪمري جا فٽيجز به منظر تي آندا ويا آهن، جن ۾ مشعال جي ڪمري ۾ ڪارل مارڪس ۽ چي گويرا جون تصويرون نظر اچي رهيون آهن.

Mashaal 4Mashaal 5

واقعي بعد مردان پوليس شڪ جي بنياد تي 59 شڪي شاگردن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

واقعي بابت ڊي پي او مردان تصديق ڪندي چيو آهي ته شاگرد مشعال کي ڪجهه مڇريل شاگردن توهين رسالت جي الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو.

مردان ۾  عبدالولي خان يونيورسٽي  ۾ ڪنهن ڳالهه تان ٻن شاگرد تنظيمن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي  دوران شاگردن ڀڃ ڊاهه ۽ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ماس ڪميونيڪيشن جو  شاگرد مشعال مارجي ويو.

Mashaal 1

(ولي خان يونيورسٽي جي احاطي ۾ مشعال خان جي لاش  جي تذليل ڪئي پئي وڃي)

ٻئي پاسي ڊي پي او مردان ڊاڪٽر سعيد احمد خان چيو آهي ته ڪجهه مڇريل شاگردن توهين رسالت جي  الزام هيٺ مشعال نالي شاگرد تي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *