Wednesday , April 24 2024

مراد علي شاهه ٻيو ڀيرو سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو، شهريار مهر کي شڪست، ايم ايم اي ۽ ٽي ايل پي ووٽ نه ڏنو

ڪراچي( چيف رپورٽر    سنڌسماءَچار) سنڌ اسيمبلي ۾ قائد ايوان جي چونڊ دوران سيد مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي سنڌ جو ٻيو ڀيرو وڏو وزير چونڊجي ويو آهي، گڏيل مخالف ڌر اميدوار شهريارمهر 61 ووٽ کڻي سگهيو.وڏو وزير سڀاڻي پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ ووٽنگ ڪرائي وئي،سيد مراد علي شاهه 97 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. گڏيل مخالف ڌر اميدوار شهريارمهر 61 ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي ٽن ۽ ايم ايم اي جي هڪ ميمبر ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو.مراد علي شاهه سڀاڻي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، وقتي گورنر کيس قسم کڻائيندو.

وڏو وزير چونڊجڻ بعد اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي مرا علي شاهه چيو ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر ٻيو ڀيرو چونڊجي آيو آهي، پ پ هميشه مخالف ڌر کي به موقعا ڏنا پر پ پ کي مخالف ڌر ۾ هوندي موقعا نه ڏنا ويندا هئا، هن چيو ته مخالف ڌر وارا چون ٿا ته اسپيڪر لاءِ ٻه ووٽ نه مليا، آئون چوان ٿو ته پ پ جا 97 ميمبر هئا 98 ووٽ ڪيئن مليا مخالف ڌر وارا پنهنجي صفن ۾ ڳولا ڪن، هن چيو ته مخالف ڌر وارن غلطيون مڃيندي چيو آهي ته هاڻي هو نوان طريقا اختيار ڪندا، اسان ان لاءِ به تيار آهيون، باقي چونڊن دوران ماضي ۾ به گيلرين ۾ نعرا لڳندا رهيا آهن، ۽ اڳتي به لڳندا رهندا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم پي اي خواجا اظهار الحسن چيو ته حڪومت پنهنجي صفن ۾ جاچ ڪري ته ان کي اسپيڪر جي چونڊ ۾ ٻه ووٽ گهٽ ڪيئن مليا، هن چيو ته عوام لاءِ قانونسازي ۾ مخالف ڌر حڪومت جو ساٿ ڏنو آهي ۽ اڳتي به ڏيندي، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي محمد حسين چيو ته اسپيڪر کي هاڻي سياسي واسطا ڇڏي سڀني کي برابر موقعا ڏيڻ گهرجن، جي ڊي اي جي شهريار مهر چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪيمٽي جو چيئرمين مخالف ڌر جو هجڻ گهرجي، اسيمبلي ۾ ريسرچ ونگ هجڻ لازمي آهي، جي ڊي اي جي نصرت سحر عباسي چيو ته اڳ مخالف ڌر سان ناانصافي ڪئي وئي، هاڻي وڏي وزير کي گهرجي ته مخالف ڌر کي به گڏ کڻي هلي، چاهيون ٿا ته اسيمبلي جو ماحول بهتر رهي پر جيڪڏهن حڪومتي ڌر طرفان ذاتي حملو ڪيو ويو ته جواب ضرور ايندو، پي ٽي آءِ جي خرم شير زمان ۽ حليم عادل شيخ چيو ته هائوس مان قوم کي سٺي خبر ملڻ گهرجي. پ پ ايم پي اي ناصر حسين شاهه چيو ته مخالف ڌر وارا چون ٿا ته 6 وڳي تائين وڏا ووٽ پيا پر پوءِ 6 وڳي بعد وڏا وڏا ماڻهو ڪيئن هارائجي ويا، ان موقعي تي ايم پي ايز سردار شاهه، سهراب سرڪي، ممتاز جکراڻي، غلام قادر چانڊيو، ممتاز چانڊيو، حسنين مرزا، راجا عبدالرزاق، شهلا رضا، عبدالرشيد ۽  تيمور ٽالپر پڻ خيالن جو اظهار ڪندي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر کي واڌايون ڏنيون.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *