Saturday , April 20 2024

مراد علي شاهه سنڌ جي خدمت ڪري نه ته منهنجي خبر اٿس: فيصل واوڊا

مراد علي شاهه سنڌ جي خدمت ڪري نه ته منهنجي خبر اٿس: فيصل واوڊا ڌمڪين تي لهي آيو

ڪراچي(رپورٽر   سنڌسماءَچار) وفاقي وزير فيصل واوڊا وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته، وزير مراد علي شاهه سنڌ ۽ عوام جي خدمت ڪري جيڪڏهن نه ته؛ هُو مهنجي طبعيت کان واقف آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، سنڌ حڪومت ڪيرائڻ جي ڪابه سازش نه پيا ڪيون ۽ نه ئي پي ٽي آءِ اهڙي ڪنهن سازش جو حصو بڻجندي. پاڻي معاملن بابت وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو آهي ته الله کانسواءِ ڪير به اسان جي حڪومت نه ٿو ڪيرائي سگهي، ڀلي اسان وٽ هڪ ئي ووٽ جي اڪثريت ڇو نه هجي، اسان سنڌ حڪومت ڪيرائڻ لاءِ به ڪنهن سازش جو حصو نه بڻجنداسين. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته اسان جو سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ جو ڪو به موڊ نه آهي ۽ نه وري پي ٽي آءِ اهڙي ڪنهن سازش جو حصو بڻجندي. هن چيو ته اميد آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه اسان جون ڳالهيون ٻڌندو ۽ پنهنجيون ذميواريون چڱي ريت نڀائيندو. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار رڳو اعلان ڪري ٿي پر ڪي به ڪم عملي طور نه ٿي سگهيا آهن، وڏو وزير منهنجي تڪ ۾ به ترقياتي ڪم ڪرائي نه ته هو مون کي چڱي ريت سڃاڻي ٿو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، سياسي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر عوام جا مسئلا حل ڪيا ويندا. فيصل واوڊا چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عوام سان رڳو واعدا ڪيا پر عملي طور تي ڪو به ڪم نه ڪيو ويو، مهمند ڊيم هر حال ۾ ٺهندو ۽ ڪير به ان کي روڪي نه ٿو سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *