Friday , March 29 2024

مراد علي شاهه، صبغت الله شاهه (پيرپاڳارو)، شوڪت عزيز، بابر غوري،سراج دراني،پرويز خٽڪ سميت 71 ڄڻن خلاف ڪرپشن جي جاچ جاري

اسلام آباد(خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) نيب پاران اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، يوسف رضا گيلاني، چوڌري شجاعت، مراد علي شاهه، سيد صبغت الله شاهه راشدي (پيرپاڳارو)، ضياءَ الحسن لنجار شرجيل ميمڻ، اعجاز جکراڻي، منظور قادر ڪاڪا ڪرپشن جي الزامن هيٺ آيل 71 ڄڻن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، نيب ترجمان جو چوڻ آهي ته، 71 سياستدانن، بيوروڪريٽس ۽ اهم شخصيتن خلاف ڪرپشن الزامن جي جاچ هلندڙ آهي. نيب پاران نيب ڪرپشن جي جاچ هيٺ  آيل اهم شخصيتن جي نالن تي ٻڌل فهرست جاري ڪري ڇڏي.

نيب پاران جاري ڪيل فهرست ۾ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، آبپاشي ۽ روينيو کاتن جي وزير سيد صبغت الله شاهه راشدي (پيرپاڳارو)، اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري، ڊاڪٽر عاصم حسين، اسپيڪر سنڌڏ اسيمبلي آغا سراج دراني، سهيل انور سيال، ضياءَ لنجار، شرجيل ميمڻ، ڪراچي جو ميئر وسيم اختر ۽ ٻيا شامل آهن. نيب ترجمان موجب اڳوڻي صوبائي وزير، ڄام خان شورو، اعجاز جکراڻي، لياقت جتوئي، منظور وساڻ، بچاءَ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ خلاف به ڪرپشن جي جاچ هلندڙ آهي.

اڳوڻي وفاقي وزير اڪرم دراني، ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر، اسلم خان رئيساڻي، ثناءَ الله زهري، مشتاق رئيساڻي، ميان نوازشريف، شوڪت عزيز، راجا پرويزاشرف ۽ ٻيا شامل آهن. ڪرپشن جي الزامن جي جاچ هيٺ آيل اهم شخصيتن ۾ نيب جي فهرست ۾ ٻين سياستدانن ۽ اهم شخصيتن ۾ يوسف رضا گيلاني، چوڌري شجاعت حسين، چوڌري پرويز الاهي، شهباز شريف، اسحاق ڊار، خواجا سعد رفيق، خواجا آصف، شوڪت ترين، عليم خان، حنيف عباسي، فواد حسين فواد،  احد چيما، ڊاڪٽر بابر اعواڻ ۽ طارق فضل چوڌري ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪمند جو اگهه 30 نومبر کان اڳ مقرر ڪري شگر ملز چالو ڪيون وڃن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *