Thursday , April 18 2024

مرادعلي شاهه جي اباڻي ضلعي ۾ عورت جي تذليل،عورتن جي حقن جي علمبردار پ پ به خاموش تماشائي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري – سنڌسماءَچار فائل فوٽو

دادو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد عجلي شاهه جي اباڻي ضلعي دادو جي جوهي شهر ۾ عورت جي تذليل واري واقعي تي، عورتن جي حقن جي علمبردار ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ پيپلزپارٽي مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، واقعي کي لڳ ڀڳ 15 ڪلاڪ (هي خبر ڇپجڻ تائين) گذرڻ باوجود وڏي وزير مراد علي شاهه سميت ڪنهن به چونڊيل معاملي جو نوٽيس ناهي ورتو. شهيد بينظير ڀٽو جي پارٽي ۽ عورتن جي حقن جي علمردار پيپلز پارٽي جي ڪنهن به وزير توڙي دادو مان پ پ جي ڪنهن   چونڊيل نمائندي مذمت به نه ڪئي آهي. دادو مان سنڌ سماءَچار کي خبر ڏيندڙ www.sindhsamaachar.com جي خاص نمائندي پاران مقامي ماڻهن کان هٿ ڪيل معلومات مطابق، چوري جي الزام هيٺ عورت تي تشدد ڪندڙ اصغر غوري کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصيل آهي، انڪري تذليل واري واقعي وقت موجود پوليس اهلڪار به خوف ۾ خاموش هئا ۽ هيل تائين سندس خلاف به ڪنهن قسم جي ڪارروائي نه ٿي ٿي آهي. دادو پوليس اڃا تائين معاملي کي ڪنهن راڄوڻي / جرڳي ذريعي معاملي کي لئي مٽي ڪرائڻ جي چڪر ۾ رڌل آهي. عورت جي تذليل جي معاملي تي ڪروڙين رپين جي فنڊز تي هلندڙ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي به خاموش تماشائي بڻيل آهي

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *