Wednesday , April 24 2024

مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي سنڌ جو اصل روح آهي، سنڌ جي صوفين جو پيعام درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيو وڃي:لطيف، سچل ۽ قلندر شهباز جا گادي نشين

Gaddi

سنڌسماءَچار رپورٽ

 شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سچل سرمست ۽ قلندر لال شهباز جي درگاهن جي گادي نشينن چيو آهي ته، سنڌ مذهبي رواداري، انسان دوستي، پيار ۽ امن جو نرڪز رهي آهي، جنهن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. شاهه عبداليطيف ڀٽائي جي درگاهه جي گادي نشين سيد وقار شاهه لطيفي چيو آهي ته، سنڌ ۾ درگاهن کي نشانو بڻائڻ جو مقصد سنڌ ۽ سنڌين جي پرامن تباهه ڪرڻ ۽ انسان دوستي وارو تصور تباهه ڪرڻ برابر آهي. ڀٽ شاهه جي درگاهه جي گادي نشين سيد وقار شاهه لطيفي چيو ته، سنڌ جو صدين کان پيغام عالم جي خوشحالي، امن ۽ انسان دوستي وارو رهيو آهي، جنهن جي ترجماني شاهه عبدالطيف به ڪئي ۽ سنڌ جي سمورن صوفي بزرگن جو پيغام به اهو آهي.

Dargah latif

درگاهه قلندر لال شهباز جي گادي نشين ڊاڪٽر مهدي رضا شاهه چيو ته قلنر لال شهباز جو پيغام ئي انسانيت جو احترام ۽ مذهبي رواداري آهي. قلندر شهباز جي مزار تي بنا ڪنهن رنگ نسل ۽ مذهب جي هر ماڻهو ساڳئي عقيدت سان ايندو آهي ۽ اتي ايندڙ ڪو به ماڻهو ٻئي ماڻهون کي پاڻ کان گهٽ ناهي سمجهندو. حضرت سچل سرمست جي درگاهه جي گادي نشين خواجا عبدالحق فاروقي چيو آهي ته، سنڌ تاريخ ۾ سنڌ واسي ڪڏهن به

انتهاپسند نه رهيا آهن.

Dargha Qalandar

هتي رهندڙ مسلمان، هندو، عيسائي، پارسي ۽ ٻڌ مت جا پيروڪار هڪ ٻئي سان بنا ڪنهن مذهبي فرق جي گڏ رهندا رهيا آهن. خواجا عبدالحق فاروقي چيو آهي ته، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته، سنڌ جي درسي ڪتابن مان صوفي بزرگن بابت شامل مواد ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سان بنيادي طور تي مذهبي رواداري ۽ انسان دوستي جو پيغام ملي ئي نه ٿو. حڪمرانن کي گهرجي ته فوري طور تي تصوف، مذهبي رواداري ۽ صوفي بزرگن جي فڪر بابت مضمون درسي ڪتابن ۾ شامل ڪيا وڃن.

Sachal

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *