Friday , March 29 2024

مذهبي جماعتن جو ڌرڻُو آپريشن باوجود ختم نه ٿيو، آرمي چيف جي مداخلت تي آپريشن ختم؛ ڌرڻي وارن جو ڀارت سان رابطو آهي-احسن اقبال جي دعويٰ

راولپنڊي/اسلام آباد (سنڌ سماءَ چار مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي فون ڪري اسلام آباد ڌرڻي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ وري تجويز بعد وفاقي سرڪار فيض آباد ڌرڻو ختم ڪرائڻ لاءِ شروع ڪيل آپريشن ختم ڪري ڇڏيو، ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، فيصل آباد سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ مذهبي جماعتن ڌرڻا هڻي عام زندگي کي معطل ڪري ڪري ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي فون ڪري تجويز ڏني ته اسلام آباد ڌرڻي کي پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف چيو ته ٻنهي طرفن کان تشدد واري عمل کي روڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تشدد قومي مفاد ۽ هم آهنگي لاءِ بهتر ناهي.

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال دعويٰ ڪئي آهي ته، فيض آباد وٽ ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين ڀارت سان رابطو ڪيو آهي، اسين ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مظاهرين ايترا سادا ناهن. اهي عالمي سازش جو شڪار آهن، هنن وٽ ڳجهي معلومات آهي، هو اهڙا وسيلا رکن ٿا، جن کي رياست مخالفت طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان ان حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي. حڪومت جا ادارا ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته آئون عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هو ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي بدامني وارين سازشن کان پري رهن. احسن اقبال چيو ته قوم جي صفن ۾ نفرتون پيدا ڪرڻ ختم نبوت صه جي عقيدي سان دشمني آهي. ڌرڻي وارا پنهنجي سياست لاءِ ختم نبوت صه جي عقيدي کي استعمال ڪري رهيا آهن. حڪومت ڌرڻي وارن سان هر وقت ڳالهين لاءِ تيار آهي، حڪومت اسلامي حڪمن ۽ ناموس رسالت جي پاسبان آهي. اسين ختم نبوت صه جي عقيدي جا محافظ آهيون، ڌرڻي وارن جي سرگرمين سان ملڪ جو نالو بدنام ٿي رهيو آهي.

احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ ۾ هڪ پارٽي ملوث آهي، جنهن ٻن شهرن جي لکين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گهٽ کان گهٽ نقصان ۾ فيض آباد وارو علائقو خالي ڪرايون، هن چيو ته ڌرڻي وارن وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار موجود آهن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل به آهن، جيڪي فورسز تي اڇلايا وڃن ٿا پر، اسين عدالتي حڪمن تي آپريشن ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته عدالتي حڪم مڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي فون ڪري اسلام آباد ڌرڻي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي فون ڪري تجويز ڏني ته اسلام آباد ڌرڻي کي پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي، پاڪ فوج جي ترجمان موجب آرمي چيف چيو ته ٻنهي طرفن کان تشدد واري عمل کي روڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تشدد قومي مفاد ۽ هم آهنگي لاءِ بهتر ناهي.ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير احسن اقبال جو چوڻ آهي ته فيض آباد وٽ ڌرڻو هڻي ويٺل مظاهرين ڀارت سان رابطو ڪيو آهي، اسين ان جي جاچ ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مظاهرين ايترا سادا ناهن، اهي عالمي سازش جو شڪار آهن، هنن وٽ ڳجهي معلومات آهي، هو اهڙا وسيلا رکن ٿا، جن کي رياست مخالفت طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان ان حوالي سان پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ڇڏي آهي، حڪومت جا ادارا ان تي ڪم ڪري رهيا آهن، هن چيو ته آئون عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هو ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي بدامني وارين سازشن کان پري رهن، هن چيو ته قوم جي صفن ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ختم نبوت صه جي عقيدي سان دشمني آهي.

مظاهرين پنهنجي سياست لاءِ ختم نبوت صه جي عقيدي کي استعمال ڪري رهيا آهن، هن چيو ته حڪومت ڌرڻي وارن سان هر وقت ڳالهين لاءِ تيار آهي، حڪومت اسلامي حڪمن ۽ ناموس رسالت جي پاسبان آهي، اسين ختم نبوت صه جي عقيدي جا محافظ آهيون، ڌرڻي وارن جي سرگرمين سان ملڪ جو نالو بدنام ٿي رهيو آهي، ٻئي طرف سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ ۾ هڪ پارٽي ملوث آهي، جنهن ٻن شهرن جي لکين ماڻهن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي، اسين ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته گهٽ کان گهٽ نقصان ۾ فيض آباد وارو علائقو خالي ڪرايون، هن چيو ته ڌرڻي وارن وٽ وڏي تعداد ۾ هٿيار موجود آهن، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل به آهن، جيڪي فورسز تي اڇلايا وڃن ٿا پر اسين عدالتي حڪمن تي آپريشن ڪري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ ته عدالتي حڪم مڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *