Saturday , April 20 2024

مخدوم طالب الموليٰ جي خاندان ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ اختلاف نيٺ منظر تي اچي ويا

حيدرآباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ سروري تنظيم جي چيئرمين مخدوم سعيد زمان چيو اهي ته، سنڌ جي سياست مان پيري مرشدي کي ڪير به ختم نه ٿو ڪري سگهي، بلاول ڀٽو زرداري به ڀلي آزمائي ڏسي، هالا ۾ صحافين جي هڪ گروپ سان ڳالهه ٻولهه دوران سعيدالزمان چيو ته، سروري تنظيم جي چيئرمين ۽ ايم اين اي مخدوم سعيد زمان خبردار ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي اسان کي نظرانداز ڪيو ته سندس نقصان ٿيندو، هالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخدوم سعيد چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مخدوم خاندان تي ئي ڀاڙي ٿي، پر سرڪار جي هالا ۾ اچي بجيٽ کـُٽي پوي ٿي سياست مان پيري مريدي جي خاتمي بابت بلاول جي بيان تي مخدوم سعيد چيو ته ”ڀلي آزمائي ڏسي“.

پيپلزپارٽي ۽ سنڌ جي مخدوم خاندان ۾ اختلاف کلي ڪري سامهون اچي ويا آهن. سروري تنظيم جي چيئرمين ۽ ايم اين اي مخدوم سعيد زمان خبردار ڪندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي قيادت پاران اسان کي نظر انداز ڪيو ويو ته ان سان سندن ئي نقصان ٿيندو. اهڙو اظهار هن هالا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. مخدوم سعيد زمان چيو ته آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ مخدوم خاندان تي ئي ڀاڙي رهي آهي. پر سرڪار جي بجيٽ هالا ۾ اچي کـُٽي پوي ٿي. اسان کي نظر انداز ڪيو ويو ته پ پ جو ئي نقصان ٿيندو. اسان جو ته 40 سالن کان هونئن ئي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي اسان جي پنهنجي جماعت آهي، پيپلزپارٽي کي نه ڇڏينداسين. ضروري نه آهي ته هر ڳالهه تي “ييس” چئون. مخدوم سعيد کان جڏهن سياست مان پيري مريدي جي خاتمي واري بلاول جي بيان تي سوال ڪيو ويو ته ان جي جواب ۾ هن بلاول جو نالو کڻڻ کان چيو ته، ”ڀلي آزمائي ڏسي.“ چونڊن بابت پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ مخدوم سعيد زمان چيو ته جيڪڏهن چونڊون شفاف ٿيون ته پوءِ مرڪز ۽ صوبي ۾ نون ليگ جي حمايت سان حڪومت ٺهندي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *