Thursday , April 25 2024

مختلف شهرن ۾ روڊ حادثا، 4 ڄڻا فوت، 9 ڄڻا ڦٽجي پيا

ڪراچي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 9 ڄڻا  زخمي پيا آهن. جاتي ويجهو ڳوٺ سير ڳنڍو جي بس اسٽاپ وٽ تيز رفتار رڪشا جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ نوجوان شهباز ابڙو ۽ عرس ٻوريو  فوت ۽ علي محمد شاهه، نواز   سميجو ۽ سلمان ابڙو زخمي  ٿي پيا. علائقي واسين فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي، جڏهن ته  فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جا لاش گهر پهچائڻ تي ڪهرام مچي ويو. ميرپورماٿيلي ويجهو  قومي شاهراهه تي ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾موٽرسائيڪل سوار عبدالڪريم رند  ٿڏي تي فوت، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي فوتي جو لاش سول اسپتال پهچايو ويو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن نصيرآباد ڀرسان انڊس هاءِ وي تي چنڙ مُقام وٽ ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 35 ورهين جو ظهور ڪلهوڙو فوت  ٿي ويو. ڳوٺاڻن فوتي جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

مڪلي ويجهو نيشنل هاءِ وي تي  پوليس موبائيل جو رڪشا کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي مڪلي جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. زخمين ۾ عورت زاھده، امينا، حاجياڻي، ٻارڙو شھزاد ۽ ضامن علي  شامل آهن. زخمين ۾ ٻن ٻارڙن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. وڳڻ ويجهو ڳوٺ خير محمد مغيري وٽ نصيرآباد کان لاڙڪاڻي ويندڙ ويگن ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي وئي، جنهن جي ڪري 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ مسمات شهزادي، ڄامل خاتون، جنت، ممتاز علي، فقير محمد، شهمير خان، فتح محمد ۽ ٻيا شامل آهن، زخمين کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *