Friday , March 29 2024

ضمانت جي درخواست رد، نيب شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو

شهباز شريف کي نيب هيڊڪوارٽرز ٺوڪر نياز بيگ منتقل، ميڊيڪل چيڪ اپ بعد صحتمند قرار

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ    سنڌسماءَچار) نيب لاهور قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ نون ليگ جي صدر شهباز شريف کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب شهباز شريف کي ٺوڪر نياز هيڊڪوارٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان  وڌيڪ ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ عارضي ضمانت واري درخواست تي دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي،ان کان اڳ شهباز شريف جي وڪيل اعظم نذير دليل ڏنا ۽ نيب جي قانوني ٽيم به موقف پيش ڪيو ڪيو. شهباز شريف روسٽرم تي اچي موقف اختيار ڪيو ته هن هڪ ٽڪي جي به ڪرپشڻن ناهي ڪئي، سندس ڪنهن به بئنڪ اڪائونٽ ۾ غيرقانوني طور رقم منتقل ناهي ٿي. شهباز شريف چيو ته سمورين ملڪيتن ۽ آمدني جو ٽيڪس ادا ڪندو رهيو آهيان، ٽيڪس ۽ آمدني جي آڊٽ به ڪرائي وئي، هاڻي 20 سالن کانپوءِ نيب منهنجي ٽيڪس ريٽرنز کي قبول نه ٿو ڪري. شهباز شريف جي موقف ٻڌڻ بعد لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اپوزيشن ليڊر جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ضمانت جي درخواست رد ٿيڻ بعد نيب ٽيم شهباز شريف کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو ۽ عدالتي احاطي مان ٻاهر نڪري کيس باضابطا طور تي گرفتار ڪري ورتو. شحباز شريف جي گرفتاري دوران ميڊيا جي نمائندن ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر نيب ٽيم شهباز شريف کي گاڏي ۾ ويهاري نيب هيڊڪوارٽرز ٺوڪر نياز بيگ منتقل ڪري ڇڏيو.

بحريا آءِ ڪون ڪلفٽن جا سيڙپڪار ڏچي! ملڪ رياض جي ناٺي جي گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *