Friday , March 29 2024

متحده پاڪستان فاروق ستار ۽ عامرخان گروپ ۾ ورهائجي وئي

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) متحده قومي موومينٽ پاڪستان وري ڏڦيڙ جو شڪار بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ عامر خان گروپ چٽيءَ طرح سامهون اچي ويا آهن. متحده پاڪستان ۾ ڦڏو ان وقت چٽو ٿي سامهون آيو، جڏهن سومرڏينهن رات دير سان متحده جي بهادر آباد واري آفيس ۾ سينيٽ جي اميدوارن جي نالن کي حتمي منظوري ڏني پئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۾ ڪجهه وقت اڳ شامل ٿيندڙ ڪامران ٽيسوري کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ فاروق ستار نامزد ڪيو، جنهن تي ڪنور نويد جميل ۽ عامر خان سميت سندن هم خيال گروپ جي ميمبرن ان تي سخت اعتراض واريندي رد ڪري ڇڏيو. اهڙي صورتحال کانپوءِ ڊاڪٽر فاروق ستار اجلاس ۾ ڪاوڙجي اٿي گهر هليو ويو ۽ ان ۽ ٽويٽ پيغام ذريعي پارٽي جي ميمبرن، سيڪٽر انچارجن سميت سمورن مرڪزي اڳواڻن کي پنهنجي گهر سڏائي ورتو. جنهن بعد فاروق ستار رات دير سان پنهنجي گهر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، عامر خان وارن ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪري پارٽي جي اصولن، قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. هن چيو ته سينيٽ جي ٽيڪٽس واري معاملي تي ڪامران تيسوري وارو معاملو صرف هڪ بهانو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هي سازش آهي يا ڪو ٻيو معاملو. هن چيو ته مان ڊمي پارٽي سربراهه رهڻ نه ٿو چاهيان. هن چيو ته عامر خان ۽ ٻين جيڪو رابطا ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ڪامران ٽيسوري کي معطل ڪيو اهو عمل به ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. فاروق ستار چيو ته مونکي اهڙي پارٽي سربراهي نه ٿي گهرجي جتي مونکي فيصلا ڪرڻ لاءِ ايلاز من ٿون ڪرڻيون پون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *