Thursday , April 18 2024

متحده پاران فلاحي تنظيم ذريعي مني لانڊرنگ وارو معاملو، جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) متحده قومي موومينٽ پاران فلاحي تنظيم ڪي ڪي ايف ذريعي مني لانڊرنگ واري ڪيس جي گهڻ رخي جاچ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي جاچ لاءِ وفاقي حڪومت گڏيل جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ متحده پاران سماجي ڀلائي ۽ فلاحي ڪمن لاءِ جوڙيل سماجي تنظيم خدمت خلق فائونڊيشن (ڪي ڪي ايف) جي بئنڪ اڪائونٽس ۽ ٻين ذريعن سان مني لانڊرنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت ۾ ڪيس جي جاچ آفيسر عدالت  کي ٻڌايو ته، معاملي جي گهڻ پاسائين جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جنهن لاءِ وفاقي حڪومت پاران معاملي جي جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم ( جي آءِ ٽي ) جوڙي وئي آهي، جاچ آفيسر اهڙو نوٽيفڪيشن به دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، ڪي ڪي ايف جي پليٽ فارم کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪرڻ واري معاملي جي جاچ مڪمل ڪرڻ ۾ اڃا ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو.  ايف آءِ اي اختيارين جي آءِ ٽي جوڙڻ جي حوالي سان نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪندي ڪيس جي شنوائي 12هين اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت ايف آءِ اي کي 12 اپريل تائين احمد علي جي گرفتاري کان روڪيو ۽ احمد علي کي ايف آءِ اي سان جاچ ۾ مڪمل سهڪار جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي سينيٽر تي ڪروڙين رپين جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم باني، اڳوڻي سينيٽر بابر غوري سميت ٻيا مفرور آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *