Wednesday , April 24 2024

متحده وارن شهر جا گندي پاڻيءَ جا نالا به وڪڻي ڇڏيا: سعيد غني

سعيدغني saeed ghani

پ پ سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ جتي به ايم ڪيو ايم کي خالي پلاٽ نظر آيو ان تي قبضو ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم باني جي هڪ ڪال تي جيڪي ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا اهي ڪي ايم سي جا گوسڙو ملازم ئي هئا. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم،پي ايم ايل ۽ ٻين پارٽين جي ڪارڪنن جي پ پ ۾ شموليت وقت پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته ڪراچي جو ميئر ڪوڙ ڳالهائي عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، روڊ ٺاهڻ ان جو ڪم آهي پر اهو به ڪم سنڌ حڪومت ڪري رهي آهي. هن چيو ته هاڻي ڪوبه بريف ڪيس لنڊن نه ويندو، وسيم اختر کي ڪم نه پر سياست ڪرڻي آهي، ماضي ۾ سمورا ادارا وڏي عرصي تائين ايم ڪيو ايم جي قبضي هيٺ رهيا آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪي ايم سي کي هر مهيني 50 ڪروڙ رپيا گرانٽ ڏيندي آهي ۽ پنهنجيون ذميواريون سنڌ حڪومت تي وجهڻ نااهلي جو مثال آهي. پ پ سينييٽر چيو ته ٻڌايو وڃي ته گجر نالي تي قبضا ڪنهن جي دور ۾ ٿيا، ايم ڪيو ايم ڪنهن به پارڪ ۽ نالن کي به نه ڇڏيو. هن چيو ته وسيم اختر کي اهو به پتو ناهي ته صفائي جو ڪم ڪي ايم سي جو نه پر ڊي ايم سي جو آهي، ايم ڪيو ايم جو اهو پراڻو طريقو آهي ته ايترو شور ڪندي آهي ته جيئن ماڻهو ان کي سچ سمجهن. سعيد غني چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ پ پ ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي ٿي اڀرندي ۽ انهن علائقن مان به ڪاميابي ماڻيندي جتان هڪ جماعت وڏي اڪثريت سان کٽندي هئي.

فيصل سبزواري پاران متحده جون غلطيون پ پ کان ٺيڪ ڪرائڻ جو مطالبو..!!

فيصل سبزواريfaisal sabzwari

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فيصل سبزواري چيو آهي ته، جن انڊسٽرين ۽ شگرملز تي قبضا ڪندا آيا آهن اهي متحده تي الزام هڻي رهيا آهن، اسان جيڪڏهن ڪجهه غلط ڪيو ته، اوهان 9 سال اقتدار ۾ رهيا ٺيڪ ڪري وٺو ها. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل سبزواري ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته، پيپلزپارٽي جا الزام ائين آهن ڄڻ ڪرپشن خلاف انهن جا مطالبا آهن. هن چيو ته،هي ماڻهو بينظير ڀٽو جي نالي تي ٺهيل پارڪ جي ڪميشن به کائي ويا، انهن جي معاملن تي حبيب جالب خوب چيو هو ته،وهي حالات هين فقيرون ڪي، دن ڦري هين فقط وزيرون ڪي. فيصل سبزواري چيو ته، 50 ڪروڙ گرانٽ جي ڳالهه ڪندڙ سنڌ حڪومت کي ڪراچي شهر بجيٽ جي مد ۾ 21 ارب ڏئي ٿو. هن چيو ته، اسان چاهيون ٿا ته، ميئر کي ان جا اختيار ملي وڃن، ڪراچي جي ميئر کي خبر آهي ته کيس ڪهڙا ڪم ڪرڻا آهن ۽ ڪيئن ڪرڻا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *