Tuesday , April 23 2024

ماڻهن جي لاپرواهي، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ڪرونا خطرناڪ صورت اختيار ڪرڻ لڳو

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جي ظاهر ٿيل ڪيسن جو انگ دنيا جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي( رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) لاڪ ڊائون جي خلاف ورزي ۽ عوام پاران سماجي وٿي تي عمل نه ڪرڻ جي نتيجي ۾ سنڌ اندر ڪرونا وائرس خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي، 24 ڪلاڪن اندر 104 نوان ڪييس ظاهر، اڄوڪي ڏينهن وائرس ۾ مبتلا فوتين جو انگ 6 ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پهرين ڏينهن کان چوندو رهيو آهيان ته هن وبائي وائرس کي صرف سماجي وٿي سان ئي روڪي سگهجي ٿو، انڪري سخت فيصلا ڪيا ۽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو، پر افسوس جي ڳالهه آهي ته مختلف بهانا بڻائي عوام ان تي صحيح انداز ۾ عمل نه ڪري رهيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته، اڄ 6 ماڻهو ڪرونا وائرس وگهي حياتيون وڃائي ويٺا آحن جيڪا وائرس  وگهي ماڻهن جي فوت ٿيڻ واري دنيا جي تناسب سان ڏسجي ته سنڌ ۾ اهو تناسب تمام گهڻو آهي. مراد علي شاهه چيو ته اڄوڪي ڏينهن ظاهر ٿيل 104 ڪرونا ڪيسز کانپوءِ سنڌ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ هڪ هزار 318 ٿي ويو آهي. هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران جيڪي ٽيسٽ ڪيون ويون انهن مان 20 سيڪڙو ماڻهن کي ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿي آهي، جيڪو دنيا ۾ ظاهر ٿيندڙ ڪيسن جي تناسب سان پنجاهه سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.

ڪرونا جي ملڪي صورتحال ۽ سرڪاري انگ اکر

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ وڌي 71 ٿي ويو آهي، جڏهن ته نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثر ماڻهن جو مجموعي انگ 4 هزار 793 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ 25، سنڌ ۾ 22 ۽ پنجاب ۾ 18 ڄڻا فوت فوت ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ شخص فوت ٿيو آهي. پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيل مريضن جو انگ2 هزار 336، سنڌ ۾ هڪ هزار 214، بلوچستان ۾ 220، گلگت بلتستان ۾ 215، اسلام آباد ۾ 118، آزاد ڪشمير ۾ 33 آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 295 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 5 جڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن. پنجاب ۾ گذريل ڏينهن وڌيڪ 112 نوان ڪيس ظاهر ٿيا هئا، جنهن کانپوءِ ڪورونا وائرس متاثرن جو انگ 2 هزار 336 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 60 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 5 ڄڻا فوت به ٿيا آهن. بلوچستان ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ هڪ نئين ڪيس جي تصديق ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سڄي صوبي ۾ تصديق ٿيل مريضن جو انگ 220 ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪو به نئون ڪيس ظاهر نه ٿيو آهي، جنهن سبب اتي متاثرن جو انگ 118 ٿي ويو آهي. گلگت بلتستان ۾ متاثر مريضن جو انگ 215 آهي، آزاد ڪشمير ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيل مريضن جو انگ 33 ٿي ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *