Tuesday , April 23 2024

ماڻهن جي لاپرواهي، سنڌ حڪومت پاران ڪرونا جي روڪٿام لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو امڪان

عوام لاڪ ڊائون تي عمل نه ٿو ڪري، رعايتن جو ناجائز فائدو ورتو پيو وڃي، صوبي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو وڃي: سنڌ حڪومت جي اختيارين جي وڏي وزير کي تجويز

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌ سماءَچار) ڪرونا وائرس تي ضابطي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو امڪان آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وائرس تي ضابطي لاءِ لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون تي عوام پاران وڏي پئماني تي لاپرواهي جي نتيجي ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ تي غور  ڪيو پيو وڃي. سنڌ سماءَچار کي ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي ڦهلجڻ کان بچاءَ لاءِ پهريان رڳو لاڪ ڊائون ڪيو، جنهن دوران ميڊيڪل اسٽورز، سبزي، فروٽ ۽ سيڌي جا دڪان کليل رکڻ جي اجازت ڏني جنهن تي عوام عمل نه ڪيو ۽ مختلف بهانن سان بنا سبب جي رستن ۽ مارڪيٽن ۾ وڃڻ نه ڇڏيو، وڏن شهرن کانسواءِ ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به ماڻهن لاپرواهي ڪندي اڪ ڊائون تي عمل نه پيو ڪري. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ئي ڪارڻ آه وڳي کان صبح ي ته وڏي وزير مراد علي شاهه لاڪ ڊائون کي سخت ڪرڻ لاءِ لاڪ ڊائون ۾ پهريان رات جو 8 وڳي کان صبح 8 وڳي تائين ميڊيڪل اسٽورز کانسواءِ سيڌي سامان، سبزي ۽ فورٽ جا دڪان به بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو، جنهن ۾ جمعي ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي آهي هاڻي شام جو پنجين وڳي کان صبح جو 8 وڳي تائين ميڊيڪل اسٽورز کانسواءِ باقي سمورو ڪاروبار بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران وڏي وزير پاران لاڪ ڊائون ۾ سختي وارا قدم اصل ۾ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ئي ڪيو پيو وڃي، اهو طئي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن لاڪ ڊائون سخت ڪرڻ وارن تازن حڪمن مان به عوام غلط فائدو ورتو ۽ عمل نه ڪيو ته پوءِ هڪ هفتي جي لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويندو، جنهن دوران رڳو ميڊيڪل اسٽورز کليل رکڻ جي اجازت هوندي، ٽرانسپورٽ ۾ صرف ايمبولينسز کي چرپر جي اجازت هوندي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *