Friday , April 19 2024

ماڊل ايان علي جي گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري

راولپنڊي(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) پئسا اسمگلنگ ڪري پرڏيهه منتقل ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ضمانت تي آزاد، مشهور ماڊل ايان علي هڪ ڀيرو ٻيهر پريشانين وڪڙ ۾ اچڻ واري آهي، راولپنڊي جي ڪسٽم ڪورٽ سندس گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ڪسٽم ڪورٽ جي جج ارشد حسين ڀٽه جي عدالت ايان علي جي خلاف غير قانوني طريقي سان ڊالرز پرڏيهه کڻي وڃڻ واري ڪيس جي شنوائي ڪئي؛ شنوائي دوران ايان علي جو وڪيل ۽ پ پ پ اڳواڻ سردار لطيف کوسه عدالت آڏو پيش نه ٿيو. عدالت جيئن ئي ڪيس جي ٻڌڻي شروع ڪئي ته جج ارشد ڀٽه ملزمه ماڊل ايان علي ۽ سندس وڪيل بابت پڇا ڪئي، جنهن تي سردار لطيف کوسه جي جونيئر عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته، اُهي ٻئي پيش نه ٿي سگهيا آهن، لطيف کوسه ڪنهن ٻي عدالت ۾ ڪيسن جي سلسلي ۾ پيش ٿي رهيو آهي، انڪري اهنو اڄ هتي پيش ناهي ٿي سگهيو، انڪري کيس عارضي طور تي اڄوڪي ٻڌڻي ۾ کيس پيشي کان آجو قرار ڏنو وڃي.

لطيف کوسه جي جونيئر ملزمه ايان علي بابت چيو ته اُها بيمار آهي ان کي به پيشي کان آجو قرار ڏنو وڃي. جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سوال ڪيو ته، ڇا ملزمه جي بيماري بابت اوهان وٽ ڪو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ آهي؟ عدالت پراڻي سرٽيفڪيٽ تي ٻڌڻي تي پيشي کان آجو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ڪسٽم جي وڪيل اهڙين ٻنهي درخواستن جي مخالفت ڪندي چيو ته، هي اهو سمورو بهانو ڪري رهيا آهن، سندن عذر ۾ ڪا به صداقت ناهي انڪري سندن درخواستون رد ڪيون وڃن، هي هر شنوائي تي مختلف قسمن جا بهانا ڪندا رهندا آهن. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته، ملزمه ماڊل ايان علي ۽ سندس وڪيل 8 ڊسمبر 2015 کان پيش نه ٿي رهيا آهن. ڪسٽمز جي پراسيڪيوٽر عدالت کي درخواست ڪئي ته، ملزمه جي گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري ڪيا وڃن ۽ کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. عدالت ڪسٽمز جي پراسيڪيوٽر جي درخواست منظور ڪندي ايان علي جي گرفتاري لاءِ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽس جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 22 آڪٽوبر تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ياد هجي ته ماڊل ايان علي کي 14 مارچ 2015 تي اسلام آباد جي بينظير ڀٽو انٽرنيشنل ايئر پورٽ تان دبئي ويندي گرفتار ڪيو ويو هو. ايان علي جي سامان مان ڪسٽمز اختيارين جهڙتي دوران 5 لک امريڪي ڊالرز هٿ ڪري ورتا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *