Friday , April 19 2024

ماضي ۾ ووٽ جي عزت نه ٿيڻ جيڪري ئي ملڪ ٻه ٽڪرا ٿيو هو: نواز شريف

اسلام آباد( رپورتر    سنڌسماءَچار) اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ووٽ ۽ آئين جو احترام نه ٿيڻ سبب جمهوري حڪومتن تي راتاها لڳندا رهيا ۽ ملڪ ٻه اڌ ٿي ويو، رياستون عوام جي ووٽ ذريعي ٿيندڙ فيصلن تي ئي هلنديون آهن، محمود اچڪزئي چيو آهي ته جمهوري ۽ غير جمهوري قوتن وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي، حاصل بزنجو چيو ته پارليامينٽ کي نٿو خيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ نون ليگ جي ميزباني هيٺ “ووٽ کي عزت ڏيو” جي عنوان سان سيمينار ٿيو، جنهن ۾ اهم سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو ته ڪنهن به چونڊيل وزيراعظم کي آئيني مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو، جنهن سبب ملڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

نواز شريف جو چوڻ هو ته ڪروڙين ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي فيصلا ڏيندا آهن ۽ رياست عوام جي ووٽ جي فيصلي ذريعي ئي هلندي آهي. نواز شريف چيو ته قائداعظم جي جدوجهد جمهوري اصولن تي ٻڌل هئي، اسان کي هاڻي قومي وجود کي لڳل بيمارين جو علاج ڪرڻو پوندو. نااهل ٿيل ن ليگ جي تاحيات قائد نواز شريف چيو ته، ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي چاڙهيو ويو، بينظير ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ مون کي هاءِ جيڪر بڻايو ويو. جيڪڏهن هاڻي به ووٽ جي عزت نه ڪئي وئي ته ملڪ بحرانن مان ڪڏهن به نڪري نه سگهندو.

سيمينار کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان خطاب ڪندي چيو ته ٽئين عالمي جنگ کانپوءِ بندوق وسيلي ڪنهن کي فتح ڪرڻ جو وقت گذري ويو، هاڻي رڳو ووٽ جي پرچي جي اهميت آهي، ان ڪري اسان کي ووٽ جي تقدس لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. سيمينار کي سينيئر سياستدان محمود خان اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته آئين هڪ عمراڻي معاهدو آهي، جنهن کي ڪاغذ جو ٽڪرو نه سمجهيو وڃي. جهموري ۽ غير جمهوري قوتن وچ ۾ ويڙهه شروع ٿي چڪي آهي، ترڪي جي عوام جيان اسان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي.

نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مير حاصل بزنجو چيو ته پارليامينٽ کي نٿو خيرو ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، عمران خان جمهوري سياست جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. اي اين پي اڳواڻ ميان افتخار چيو ته وزير اعظم عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي، پر رائو انوار سپريم ڪورٽ کي خط لکي رهيو آهي، جيڪو ٻٽو معيار آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *