Friday , April 19 2024

”مادرِ ملت فاطمه جناح زندهه باد“ جو نعرو ڏوهه بڻجي  ويو، ڪئپٽن (ر) صفدر گرفتار

ڪراچي(رپورٽ: آفاق ڀٽي    سنڌسماءَچار) سنڌ پوليس نون ليگ جي اڳواڻ ۽ مريم نواز  جي مڙس ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر اعواڻ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ڪئپٽن صفدر تي الزام آهي ته هن قائداعظم محمد علي جناح جي مزار اندر نعريبازي ڪرائي مزار قائد ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪئي آهي. گذريل ڏينهن مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ ٻين پاران پي ڊي ايم جي جلسي کان اڳ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ جي موقعي تي، مزار اندر “مادر ملت فاطمه جناح- زندهه باد ۽ ووٽ ڪو عزت دو” جا نعرا هڻايا هئا، جنهن  کانپوءِ رات جو دير سان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ايم پي اي حليم عادل شيخ ۽ ٻين جي اڳاوڻي ۾ برگيڊ ٿاڻي تي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر ۽ ٻين جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ رات دير سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي هئي.

ايف آءِ آر داخل ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ سنڌ پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي صبح جو لڳ ڀڳ 6 وڳي کان 6 لڳي 50 منٽن دوران هڪ نجي هوٽل تي ڇاپو هڻي ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي گرفتار ڪري پهريان سول لائينز ٿاڻي ۽ بعد ۾ برگيڊ ٿاڻي منتقل ڪيو ويو، بعد ۾ اتان ڪيپٽن صفدر کي ڊي آءِ جي آفيس منتقل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نجي هوٽل پهتي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيپٽن صفدر جي گرفتاري واري عمل کان پوليس جي اعليٰ اختيارين کي بي خبر رکيو ويو. مريم نواز پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته پوليس ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هوٽل جي دروازي جو لاڪ ٽوڙي ڪمري اندر داخل ٿي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *