Friday , March 29 2024

لينڊ مافيا وڏي وزير کان زور آور ٿي وئي، مراد علي شاهه جي حڪمن باوجود ايڌي سينٽر ٺٽو تان قبضو ختم نه ٿيو

ٺٽو ( سنڌ سماءَ چار نيوز) عالمي مڃتا ماڻيندڙ ايڌي فائونڊيشن جي ٺٽي ۾ قائم فلاحي مرڪز تي بااثر بلڊر ۽ لينڊ مافيا پاران ڪيل قبضو ختم نه ٿي سگهيو آهي. ايڌي سينٽر تي ٿيل قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪمن تي به عمل ناهي ٿي سگهيو،

وڏي وزير جي اعلان باوجود بلڊر پاران ايڌي سنيٽر کي لڳايل تالا ناهن کولي سگهيا. ايڌي سينٽر تي قبضي خلاف شهرين پاران ڇهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ايڌي سينٽر تي قبضو ڪندڙ سنڌ جي وڏي وزير کان به وڌيڪ بااثر ۽ طاقتور آهي جو وڏي وزير جي حڪمن باوجود سينٽر خالي ناهي ڪرايو ويو. هنن چيو ته سينٽر تي قبضو هجڻ جيڪري عملو ڪم ڪار کليل ميدان تي ڪئمپ لڳائي هلائي رهيو آهي.

ايڪشن ڪميٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ ٻين چيو ته وڏي وزير جي اعلان باوجود انتظاميا قبضو ڏيارڻ لاءِ ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي، جنهن جي ڪري ايڌي رضاڪارن پاران ايڌي مرڪز اڳيان کليل روڊ تي ڪئمپ قائم ڪري فلاحي سرگرميون ھلايون پيون وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي ايڌي سينٽر تان بلڊر جو قبضو ختم ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج  جو دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *