Friday , April 19 2024

لياري ۾ 6 ماڙ رهائشي عمارت ڪري پئي، عورت ۽ ٻارڙو فوت،10 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي

ڪراچي (چيف رپورٽر   سنڌسماءَچار) لياري جي لياقت ڪالوني واري علائقي ۾ پراڻي عمارت ڌماڪي سان ڊهي پئي، هڪ ٻارڙي ۽ هڪ عورت جا لاش ڪڍيا ويا، ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته 10 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ بچائي اسپتال داخل ڪرايوم ويو آهي، صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته عمارت زبون هئي، رهواسين کي نوٽيس به جاري ڪيا هئا پر ڪير به فليٽ خالي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. لياري جي لياقت ڪالوني ۾ گهٽي نمبر 3 ۾ هڪ پراڻي عمارت اوچتو ڌماڪي سان ڪري پئي عمارت ڪرڻ جو اطلاع ملڻ شرط پوليس، رينجرز ۽ ايڌي رضاڪار واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون. ايڌي رضاڪارن جو چوڻ آهي ته ڪريل عمارت جي ڍير هيٺان هڪ عورت ۽ هڪ ٻارڙي جو لاش ڪڍيو ويو آهي، امدادي ڪاررواين دوران 13 زخمين کي بچائي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهني، جتي انهن جو علاج هلندڙ آهي. عمارت ڪرڻ بعد پاڪ فوج جي ريسڪيو ٽيم ۽ رينجرز اهلڪار به امدادي ڪاررواين ۾ رڌل آهن جيڪي ڪريل عمارت جو ڍير هٽائي امڪاني طور تي وڌيڪ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل عمارت ڊهي پوڻ واري واقعو جو نوٽيس وٺي ڪشمنر ڪراچي ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کان رپورٽس طلب ڪري ورتي. صوبائي وزير ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ڪمشنر ڪراچي واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل ورتا. ناصر شاهه چيو آهي ته عمارت 35سال پراڻي هئي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪيترائي ڀيرا نوٽيس موڪليا پر ڪنهن ڌيان نه ڏنو، ذميوارن کي بخش نه ڪيو ويندو.

وفاقي حڪومت جي ٻه اکيائي، علم الدين بلو، غلام قادر ٿيٻو، شمس الدين سومرو ترقين کان محروم

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *