Friday , April 19 2024

لياري وارا منهنجا لاڏلا آهن، احتجاج سندن حق آهي: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي( رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته  لياري واسي اسان جا لاڏلا آهن،انهن کي احتجاج جو پورو پورو حق حاصل آهي،هن چيو ته لياري ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪنداسين. لياري جي مختلف علائقن ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته  شهيد بينظير ڀٽو ڦاهين کان نه ڊني ته اسان پٿرن کان ڪيئن ڊڄي سگهون ٿا. هڱوراآباد، چاڪيواڙي، چيل چوڪ ۽ گاهه منڊي ۾ ڪارڪنن جي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي پ پ جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري وارن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بي بي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته اسان کي ڪيترا به پٿر هڻو اسان پٿرن کان ڊڄڻ وارا ناهيون ۽ ووٽرز کي گذارش ڪيان ٿو ته پر تشدد احتجاج نه ڪن. پ پ کان سواءِ ڪير به لياري واسين جا مسئلا حل نه ڪندو. پ پ چيئرمين چيو ته لياري وارن کي صاف پاڻي پهچائينداسين،سمنڊ جي پاڻي کي صاف ڪري لياري واسين کي فراهم ڪنداسين. ن ليگ وارن اين ايف سي ايوارڊ نه ڏئي سنڌ واسين جو حق کاڌو.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم هاڻ به مستقل قومي مصيبت آهي، اهي ڪڏهن به  عوام جا مسئلا حل نه ڪندا. هن چيو ته پ پ معاشي انصاف تي يقين رکي ٿي. بلاول چيو ته بي بي شهيد جي سمورن وعدن کي پورو ڪنداسين،بي بي جا وعدا اسان جا به وعدا آهن. پ پ سربراهه چيو ته لياري جو عوام اسان سان گڏ آهي ته ڪوبه مائي جو لال رستو روڪي نٿو سگهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مان پهريون ڀيرو اليڪشن لاءِ نڪتو آهيان، لياري مان اليڪشن وڙهڻ جو مقصد غريبن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. لياري جي دوري دوران ڪارڪن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري جي عوام سدائين پ پ جو ساٿ ڏنو آهي، ان ڪري اليڪشن ۾ منهنجو ساٿ ڏيندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري جي مسئلن جي حل لاءِ اليڪشن وڙهي رهيو آهيان،عوام ساٿ ڏئي، اسان جو منشور عوام دوست آهي. هن چيو ته لياري جي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪنداسين، سمنڊ جو پاڻي مٺو ڪري شهرين کي فراهم ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لياري مان چونڊ وڙهڻ جو مقصد عوامي مسئلا  حل ڪرڻ آهي،پيپلز پارٽي بي پهچ ماڻهن لاءِ پروگرام شروع ڪندي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *