Friday , March 29 2024

لوڻي ڪوٽ وٽ پيجارو جو ڪار کي ٽڪر، ڪار کي باهه لڳي وئي، 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ جوڙي سميت 7 گهر ڀاتي سڙي فوت

ڄامشورو/جيڪب آباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) سپر هاءِ وي تي لوڻي ڪوٽ واري علائقي ۾ پيجارو ۽ ڪار ۾ ٽڪر بعد ڪار کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد واسي هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي سڙي فوت ٿي ويا، معصوم ٻارڙي معجزاڻي طور بچي وئي، فوتين ۾ 3 ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ زال مڙس به شامل آهن. پيجارو ۾ سوار 3 ڄڻا معمولي زخمي ٿي پيا. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار پيجارو ڪار کي ٽڪر هنيون، جنهن بعد ڪار کي باهه وڪوڙي وئي. موٽر وي پوليس مطابق ڪار ۽ پيجار ڪراچي کان حيدرآباد طرف وڃي رهي هئي ته ان کي تيز رفتار پيجارو پٺيان ٽڪر هنيو. موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته، ڪراچي کان حيدر آباد ويندڙ پيجارو نمبر بي ايف 4333 تيز رفتاري سبب ڪرولا ڪار نمبر، اي اي ايڇ 625 کي ٽڪر هنيو. پوليس موجب ٽڪر جي نتيجي ۾ ڪار اڳيا ويندڙ ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.ان دوران ڪار جو سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو ۽ ڪار کي باهه وڪوڙي وئي. ڪار کي باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ فوتين ۾ علي شير ڪٽو، عبدالحفيظ، مسمات افروز، علي حسن ڪٽو، مسمات صدف، مسمات سلطانا ۽ هڪ ٻارڙو شاملموٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته هادثي جو شڪار ٿيل ڪار ۾ سوار ماڻهو جيڪب آباد شهر جا رهواسي ۽ هڪ ڪٽنب جا هئا. سمورن فوتين جا مڙهه لياقمت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال / لمس ڄامشورو منتقل ڪيا ويا آحن. جيڪب آباد مان سنڌ سماءَ چار جي رپورٽر موجب فوتين جا مڙهه وصل ڪرڻ لاءِ سندن بچي ويل هڪ وارث جيڪب آباد مان روانو ٿي ويو آهي، مڙهه صبح جو جيڪب آباد پهچايا ويندا، جن جي جنازي نماز بعد تدفين ڪئي ويندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *