Friday , April 19 2024

لنڊن صوفي فيسٽيول سوشل ميڊيا تي بحث ڇيڙي ڇڏيا

sufi london 01Culture department logo

ڪراچي ( سنڌسماءَچار نيوز) سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ لنڊن جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم پاران 7 آڪٽوبر تي لنڊن ۾ رٿيل سنڌ صوفي فيسٽيول-2017 جو اعلان ٿيڻ بعد جلد ئي سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي بحث جو موضوع بڻجي وئي آهي. صحافين سميت سڄاڻ ڌريون ان معاملي تي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويون آهن. ڪجھ جو خيال آهي ته اها پئسن جو زيان ۽ مني لانڊرنگ جو هڪ بهانو آهي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ثقافت کاتي پاران لنڊن ۾ ٿيندڙ صوفي ڪانفرنس هڪ بهترين عمل آهي.

سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري کاتي پاران 7 آڪٽوبر(ايندڙ مهيني) تي لنڊن جي فرينڊس هائوس ۾ ڪوٺائي وئي آهي. صوفي فيسٽيول هڪ مقامي سماجي تنظيم سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي سهڪار سان ڪرائي پئي وڃي.

sardar shah 02Akbar Leghari 02

 صوفي ڪانفرنس جي بجيٽ تي خرچ بابت سنڌ سماءَ چار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، “ ثقافت کاتي جي لنڊن صوفي فيسٽيول تي لڳ ڀڳ 80 لک رپيا ٻڌي خرچ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ان خرچ ۾ فنڪارن کي معاوضو ڏيڻ، ويزائن جو خرچ ۽ رهائش سميت سنڌ مان لنڊن ويندڙ28 کان وڌيڪ ماڻهن تي مشتمل وفد جو خرچ، لنڊن ۾ هوٽلز، ٽرانسپورٽ ۽ هال جو خرچ پکو شامل آهي. ذريعن موجب لنڊن ۾ ريزڪي خرچ سان گڏ ڪجھ ٻين خرچن سان گڏ سمورو خرچ هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ ايندو.

sufi london 01

لنڊن صوفي ڪانفرنس ۾ ثقافت کاتي جي مددگار تنظيم “ سنڌي ايسوسيئيش آف يورپ ” پاران به هيل تائين ڪنهن قسم جي ڪا به وضاحت وغيره ناهي آئي ته، هن فيسٽيول ۾ ان تنظيم جو ڪردار ڇا هوندو، اُها به پنهنجي بجيٽ استعمال ڪندي يا وري سروسز پرووائيڊر / پنهنجون خدمتون ثقافت کي کي ڏيندي ۽ ان مَد ۾ معاوضو وغير وصول ڪندي. فنڪشن ۾ داخلا/شرڪت مفت هوندي يا ان جي ڪارڊ تي فيس وغيره هوندي. ان سلسلي ۾ لنڊن ۾ موجود هڪ سنڌ واسي جو چوڻ آهي ته سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ هن پروپوگرام ۾ رابطن جو ڪم ڪري رهي آهي، اُها پنهنجي طرفان ڪو به واڌو خرچ نه پئي ڪري. ممڪن آهي ته ان تنظيم کي سروسز ڏيڻ جي عيوض ۾ ڪا رقم ڏني وڃي باقي اها پاڻ ٽڪو به خرچ نه ڪندي.

ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي جي ذريعن پڻ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جيڪڏهن ڪو هلڪو ڦلڪو پنهنجو خرچ ڪيو ته ٻي ڳالھ آهي باقي سمورو خرچ ثقافت کاتي جو آهي. ابتدائي طور تي هال ۽ هوٽل جي بڪنگ اُها تنظيم ئي ڪندي جنهن کي بعد ۾ ثقافت کاتو رقم ادا ڪندو.

سنڌ مان 28 ڄڻن جو وفد لنڊن صوفي فيسٽيول ۾ شرڪت ڪندو، ڪو به مقالونه پڙهيو ويندو

Sanam MarviMai Dahi 01

سنڌسماءَچار پاران هٿ ڪيل معلومات مطابق ثقافت کاتي جي لنڊن ۾ 7 آڪٽوبر تي رٿيل فيسٽيول ۾ سنڌ مان 28 ڄڻن تي مشتمل وفد ويندو، جنهن ۾ ثقافت کاتي جا ڪجھ آفيسر به شامل هوندا، جڏهن ته وفد ۾ شامل ماڻهن جو انگ ولڌي به سگهي ٿو. ذريعن موجب  لنڊن ويندڙ فنڪارن ۾ صنم ماروي ۽ ان جا سازندا، مائي الهوڌائي عرف مائي ڏاهي ۽ سندس سازندا، مرحوم جلال چانڊيو جو پٽ دلبر جلال چانڊيو، جنسار علي ۽ ان جا سازندا، سائين ظهور ۽ ان جا سازندا (ممڪن آحي ته سائين ظهور اڪيلو وڃي) شامل آهن.

Dilbar JalalJinsar Ali

ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب وفد ۾ شامل سمورن ماڻهن کي جن ۾ ثقافت کاتي جا آفيسرز به شامل آهن انهن کي ويزائون 6 مهينن جون مليون آهن پر ثقافت کاتو وفد ۾ شامل سمورن ماڻهن لنڊن ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جي سهولت رڳو 4 ڏينهن جي مهيا ڪندو، جنهن بعد جيڪڏهن اُهي لنڊن ۾ وڌيڪ وقت رهندا (ويزا 6 مهينن جي هجڻ ڪري) ته اُهو انهن جو پنهنجو فيصلو هوندو ان سان ثقافت کاتي جو واسطو نه هوندو. وفد ۾ شامل سمورن ماڻهن کي اوٽ موٽ جي ٽڪيٽ آرگنائيزر / ثقافت کاتو ئي مهيا ڪندو ۽ سمورن ماڻهن جي ٽڪيٽس جو خرچ به 28 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌايو پيو وڃي.

لنڊن سنڌ صوفي فيسٽيول ۽ مني لانڊرنگ جا افواهه..!!

ٻي طرف سماجي رابطن جي مختلف سائيٽس تي لنڊن صوفي ڪانفرنس بابت اهو بحث به هلي رهيو آهي ته ان فيسٽيول جي نالي تي مني لانڊرنگ ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *