Friday , March 29 2024

لنڊن:وزيراعظم نواز شريف ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي تي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، جي آءِ ٽي تي ڇوھ ڇنڊيندو رهيو

PM Nawaz 02

وزيراعظم نواز شريف سعودي عرب جي دوري تان سڌو لنڊن هليو ويو آهي. نواز شريف لنڊن پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي پاناما ڪيس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي تي ڇوھ ڇنڊيندو رهيو. نواز شريف ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران پارا چنار ۽ ڪوئٽا سميت ملڪ ۾ ٿيل دهشتگردي جي تازن واقعن تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي، هن صرف جي آءِ ٽي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ پنهنجي بيگناهي بابت مختلف حوالا ڏيندو رهيو.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته سياسي مخالفن جو اندر سازشن ۽ بدنيتي سان ڀريل آهي، انهن امپائر جي آڱر کڻڻ جي ڳالهه ڪئي پر چئن سالن ۾ اسان جي حڪومت تي ڪابه آڱر نه کڄي، پاناما معاملو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي، اهو احتساب نه پر مذاق آهي، قوم هڪ پاسي ڏسي پئي ۽ جي آءِ ٽي ٻئي طرف وڃي رهي آهي، جيڪا ڳالهه منهنجي سمجهه کان مٿي آهي، لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته جي آءِ ٽي جي ميمبرن کان مون پڇيو ته توهان ڇا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، ٻيو ڪجهه ناهي ته الزام جي حد تائين ثبوت سامهون آڻيو، اهي منهنجي سوالن جو جواب نه ڏئي سگهيا.

پاڪستان ۽ حڪومت جو وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، جي آءِ ٽي جي تاريخ سامهون آهي، جيڪا واٽس اپ ڪال کان شروع ٿئي ٿي، مان ۽ منهنجو ايندڙ ايندڙ نسل حساب ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته ملڪ جڏهن به ترقي طرف وڌندو آهي ته دشمن سازشون ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ڌرڻن سان ملڪي معيشت کي بري طرح نقصان پهتو ۽ چيني صدر به وقت تي نه پهچي سگهيو، مخالفن کان 2013ع وارين چونڊن جي شڪست برداشت نه پئي ٿئي، هو سمجهي ويا آهن، سندن سياست ختم ٿي چڪي آهي، ان ڪري سازشن جا ڄار وڇائي رهيا آهن، اصل جي آءِ ٽي 2018ع ۾ ٿيندي. نواز شريف چيو ته 1972ع ۾ اسان جون فيڪٽريون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون ويون، سوال ته اسان جو ٺهي ٿو ته اسان کي ڇو ڦريو ويو، جي آءِ ٽي اسان جي ذاتي ڪاروبار جي اردگرد گهمي رهي آهي، اهي سڀ ڳالهيون سمجهه کان مٿي آهن، هن چيو ته پاڪ فوج سان گڏجي دهشتگردي کي پاڙ کان پٽيو ويندو، ڪجهه مهينن اندر لوڊشيڊنگ ختم ٿي ويندي، هن وقت پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *