Friday , March 29 2024

لمس جي شاگردياڻي جي والد ڌيءُ جي داعش ۾ شامل ٿيڻ واري دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو..!!

Lums 5 Lums 3

حيدرآباد مان 10 فيبروري تي گم ٿيل لمس جي شاگردياڻي نورين جبار لغاري جي پيءُ حيدرآباد پوليس جي سندس ڌيءَ جي دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿيڻ واري دعويٰ رد ڪندي چيو آهي ته جنهن آءِ ڊي تان سندس پٽ کي پيغام مليا آهن، ان جي جاچ ڪرائي وڃي ته گهڻيون ڳالهيون واضح ٿي وينديون.

نورين جبار جي پيءُ ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري حيدرآباد پوليس جي نورين پاران دهشتگرد تنظيم ۾ شامل ٿيڻ واري دعويٰ رد ڪري، پوليس پاران مامري ڪيل جاچ تي اهم سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

ڊاڪٽر جبار لغاري چيو آهي ته اثوا جتوئي نالي جنهن آءِ ڊي تان نورين جي حوالي سان پيغام موڪليا ويا آهن، ان آءِ ڊي تي رڳو هڪ فرينڊ ايڊ ٿيل آهي، جيڪو نورين جو ڀاءُ آهي، پوليس ان جي جاچ ڇونه ٿي ڪري، ان آءِ ڊي جي اونر کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي.

نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر جبار لغاري پنهنجي نياڻي جي گمشدگي بابت اهم سوال اٿاريندي چيو ته، اهو چيو پيو وڃي ته نورين لاهور وئي هئي، پر ان حوالي سان ڪي ثبوت سامهون نه آيا آهن.

هن چيو ته ڊائيوو جي جيڪا سيٽ نورين جي نالي تي بڪنگ ڪرايل ڄاڻائي پئي وڃي، اها 12 نمبر واري ٽڪيٽ معونت زهره جي نالي سان بڪ ڪرايل آهي ۽ ان تي موبائل نمبر نورين جو لکيل آهي.

هن چيو ته ڊائيوو سينٽر جي سي سي ٽِي وي فٽيجز به کيس ڏيکاريا ويا آهن، انهن ۾ 12 هين نمبر سيٽ تي ويٺل ڇوڪري سندس ڌيءَ نورين نٿي لڳي.

ڊاڪٽر جبار لغاري چيو ته پوليس جو چوڻ آهي ته نورين ڊائيوو ذريعي لاهور وئي آهي پر جيڪا گاڏي ٻڌائي وئي آهي اها منجهند ٻه وڳي لاهور رواني ٿي، جڏهن ته نورين جو موبائل فون ساڳئي ڏينهن شام جو ساڍي پنجين وڳي ڌاري حيدرآباد جي ايگريڪلچر ڪامپليڪس واري علائقي ۾ ايڪٽيويٽ هو، ان جي جاچ ڇو نه ٿي ڪئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *