Friday , April 26 2024

لاڪ ڊائون 21 اپريل تائين وڌائجي يا 30 تائين، وڏو وزير فيصلو نه ڪري سگهيو

سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ روزانو ڪجهه ڪلاڪن تائين مڪمل لاڪ ڊائون جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) ڪرونا جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪيل لاڪ ڊائون کي وڌائڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، لاڪ ڊائون 21 اپريل تائين وڌائجي يا 30 اپريل تائين، وڏي وزير جا ڪابينا ميمبرز، اسٽيڪ هولڊرز سميت لاڳاپيل ڌرين سان به صلاح مشورا، سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ ڪرونا وائرس پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ لڳايل لاڪ ڊائون  صلاح مشورا  وڌائڻ تي غور، ڪابينا جي ڪجهه ميمبرز پاران 21 اپريل  وڌائڻ لاءِ وڏي وزير جا ڪابينا ميمبرز سان صلاح مشورا هلندڙ آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏو وزير مراد علي شاهه سنڌ ۾ وائرس جي وڌيڪ پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ 30هين اپريل تائين لاڪ ڊائون ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پر سنڌ ڪابينا جي ڪجهه ميمبرز ۽ هڪ اهم وفاقي شخصيت لاڪ ڊائون وڌ ۾ وڌ 21 اپريل تائين ڪرڻ جو چيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وڏي وزير واپارين، صنعتڪارن سميت سمورين ڌرين سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي، وڏو وزير ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ مڪمل لاڪ ڊائون بابت غور ڪري رهيو آهي، ان لاءِ هن ڪابينا جي ڪجهه ميمبرز کي به اعتماد ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن موجب ڪجهه ڌريون وڏي وزير جي فيصلن ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، ان امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي ته وڏو وزير اوچتو ڪنهن به وقت ابتدائي طور تي ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن لاءِ مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري آءِ جي سنڌ کي ان تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪري ۽ ان سان گڏ رينجرز کي به پوليس جي مڪمل مدد ڪرڻ جو چيو وڃي ۽ موجوده نارمل لاڪ ڊائون کي 30هين اپريل تائين وڌايو وڃي ۽ ڪمپليٽ لاڪ ڊائون کي ڊويزنل هيڊڪوارٽرز تائين محدود ڪيو وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *