Thursday , March 28 2024

لاکڙا پاور هائوس جي ٻن يونٽن کي باهه لڳي وئي، سڙي ويل هڪ يونٽ 4 ڏينهن به نه هليو

Lakhra power

ڄامشورو: ڪوئلي تي بجلي پيدا ڪندڙ لاکڙا بجلي گهر جي ٻن يونٽن کي اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو اسُر ويل لڳل باهه تي 16 ڪلاڪن جي محنت بعد ضابطو آندو ويو آهي. باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻئي يونٽ سڙي ويا آهن جن مان هنڪ يونٽ 4 ڏينهن اڳ پيداوار ڏيڻ شروع ڪئي هئي. پاور هائوس جي هڪ نمبر چائنا يونٽ جي بيس ۾ باهه لڳي وئي، صبح جو فجر مهل لڳل باهه بابت ڄاڻ ان وقت پئي جڏهن صبح جو شفٽ تبديل ٿي رهي هئي.

لاکڙا پاور هائوس جي 6 ڪي جي 3 انچ ڪيبل اوچتو باھ لڳي وئي جيڪا جهٽ پل ۾ پاور يونٽ جي پوري بيس کي پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ورتو. لاکڙا پاور هائوس جي انتظاميه ڄامشورو ٿرمل پاور هائوس، ڪوٽڙي ۽ حيدرآباد مان فائر برگيڊ طلب ڪيون، جن لڳل باهه کي وڌڻ کان روڪي ورتو هو، باهه سبب لاکڙا پاور هائوس جي50 _ 50 ميگا واٽ جي ٽن يونٽن مان 2 يونٽ ڪيتري ئي وقت کان بند پيل آهن. هڪ يونٽ کي 4 ڏينهن اڳ چالو ڪيو ويو هو. چار ڏينهن اڳ بجلي جي پيداوار شروع ڪندڙ يونٽ مان 30 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪري قومي گرڊ اسٽيشن ۾ شامل ڪرڻ جي شروعات ٿي چڪي هئي. باهه سبب يونٽ هڪ مڪمل تباهه ٿيڻ سان گڏ ٻيا 2 يونٽ پڻ باهه سبب متاثر ٿيا، جنهن ڪري ڪروڙين رپين جي نقصان جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Lakhra 1

رابطو ڪرڻ تي لاکڙا پاور هائوس جي ريزيڊنٽ ايجنيئر غلام شبير جتوئي ٻڌايو ته پاور هائوس جي بيس ۾ موجود پاور سپلاءِ جي مين ڪيبل ۾ باهه لڳي هئي پر پاور هائوس جا ٽئي يونٽ ۽ انهن جي مشينري محفوظ آهي. هن ٻڌايو ته ٽنهي يونٽن کي بجلي جي فراهمي ڪندڙ ڪيبل لائين سڙي وئي آهي جنهن جي نقصان جو اندازو جائزي وٺڻ بعد لڳايو ويندو. پاور هائوس جا سمورا يونٽ محفوظ آهن هڪ يونٽ کي 4 ڏينهن اڳ هلايو ويو هو. جنهن ۾ 30 ميگا واٽ بجلي پيدا ٿي رهي هئي جيڪا نيشنل گرد اسٽيشن کي موڪلي پئي وئي، هن چيو ته يونٽن کي ٻيهر هلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن لڳي سگهن ٿا، جنهن بعد ٽنهي مان هڪ يونٽ نمبر 2 هلايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *