Friday , April 19 2024

لاڙڪاڻي واسي 7 ڄڻن کي ڪرونا جي تصديق، سنڌ ۾ متاثرن جو انگ  440 ٿي ويو

ڪراچي ۾ 11، لاڙڪاڻي واسي 7 ڄڻن ۽ هڪ دادو واسي کي ڪرونا جي تصديق،سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو انگ 440 ٿي ويو

لوڪل ٽرانسميشن ۾ واڌ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي( چيف رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) ڪرونا وائرس تي ضابطو نه اچي سگهيو، ڪراچي ۾ 11 ۽ لاڙڪاڻي 7 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ متاثرن جو مجموعي انگ 440 ٿي ويو آهي،  صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ لوڪل ٽرانسميشن ۾ به واڌ اچي رهي آهي. سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڌيڪ ٻن ڊاڪٽرز سميت 30 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد ملڪ ۾ وائرس جي متاثر مريضن جو انگ ، 1257ٿي ويو آهي، ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب هيل تائين 9 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، هن وقت تائين ڪرونا وائرس جا 23 متاثر مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. صحت کاتي موجب سنڌ ۾ 19 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ڪراچي ۾ 11، حيدرآباد ۾ هڪ، ايران مان آيل لاڙڪاڻي جي 7 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران جاري ڪيل انگ اکرن موجب پنجاب جي ڊي جي خان واري علائقي ۾ ٻن ڊاڪٽرز سميت لاهور ۾ وڌيڪ 11 ماڻهن م ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي،جنهن کانپوءِ پنجاب ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو انگ 419 ٿي ويو آهي. خيبرپختونخوا ۾ هيل تائين ڪورونا وائرس جا 147 ڪيس سامهون آيا آهن، بلوچستان ۾ 131 ۽ اسلام آباد ۾ 27 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر پاران ڪيل پڌرائي موجب هيل تائين ملڪ ۾ 23 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن، جن مان 14 ڄڻن جو تعلق سنڌ سان آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *