Thursday , March 28 2024

لاڙڪاڻي مان پرڻيل عورت بيهوشي جي حالت ۾ هٿ

نشئي مڙس بدپيشو ڪرائيندو آهي،ڪجهه مرد وٺي ويا ۽ بيهوشي جي حالت ۾ ڇڏي ويا:عورت سبيتا سنديلو

لاڙڪاڻو (رپورٽر   سنڌسماءَچار ) لاڙڪاڻي جي رحمت پور واري علائقي مان پرڻيل ۽ ٽن ٻارن جي ماءُ ب يهوشي واري حالت ۾ هٿ، اطلاع تي پوليس عورت کي اسپتال داخل ڪرائي ڇڏيو، عورت دعويٰ ڪئي آهي ته سندس نشئي مڙس بدپيشو ڪرائيندو آهي. لاڙڪاڻي ۾ رائيس ڪئان جي  لوهي پل وٽ شهرين کي هڪ عورت بيهوش پيل نظر آئي، شهرين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پھچي عورت کي بيهوشي جي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد ڏني، جنهن بعد کيس هوش اچي ويو. هوش اچڻ بعد عورت پنهنجو نالو سبيتا سنديلو زال طارق سنديلو ٻڌائيندي سڃاڻپ ڪرائي، عورت سبيتا پوليس کي ابتدائي بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻڌايو ته هو نظرپاڙي جي رهواسڻ آهي، هن چيو ته مڙس موالي آهي، بدپيشو ڪرائڻ تي مجبور ڪندو آهي. ناري چيو ته ڪجهه ماڻهو مقامي هوٽل تان وٺي اڻڄاتل هنڌ کڻي ويا، جنهن کانپوءِ بيهوش ٿي وئي ۽ هوش آيو آهي ته هن پاڻ کي اسپتال ۾ ڏٺو آهي. ان سلسلي ۾ رحمت پور پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عورت جي حالت سڌرندڙ آھي، جنهن وٽان نشي جون گوريون مليون آھن، کيس طبي امداد ڏياري وومين پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آحي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، کيس خميس تي عدالت ۾ پيش ڪري بيان قلمبند ڪرايو ويندو ۽ عدالت جيڪو حڪم ڏنو ان تي عمل ڪيو ويوندو، عورت جي مڙس ۽ ٻين وارثن سان به رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

اين اي250ننڍي چونڊ، ڪاميابي تي جيالن جو جشن – سنجهورو ۾ غربت کان تنگ عورت 4 ٻارن سميت زهر پي ڇڏيو

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *