Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ايڊز جي وبا، مريضن جو انگ 1340کان وڌي ويو

AIDS-2

لاڙڪاڻو: سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام پاران لاڙڪاڻي ضلعي اندر ايڊز جي مريضن جو انگ هڪ سئو کان وڌيڪ هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ڊاڪٽر صفدر عباسي جو چوڻ آهي ته، ضلعي جي 11 هنڌن تي رت جي چڪاس لاءِ لڳايل ڪئمپس تي آيل 1105ماڻهن مان 3 عورتن سميت 12 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، مجموعي طور تي ضلعي اندر ايڊز جي مريضن جو انگ 1340 کان وڌي ويو آهي.

لاڙڪاڻي ضلعي اندر ايڊز جي مرض تي ضابطو اچڻ بدران واڌارو ٿي رهيو آهي، ٽن عورتن سميت وڌيڪ 12 مريضن کي ايڇ آءِ وي ايڊز وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جن جو باقائده علاج ڪرائڻ لاءِ کين ايڊز جي مريضن جي علاج واري مرڪز منتقل ڪيو ويو آهي.

سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ايگزيڪيٽو آفيسر ڊاڪٽر صفدر عباسي سنڌسماءَچار کي ٻڌايو ته، لاڙڪاني ضلعي اندر ايڊز جي مريضن جي چڪاس لاءِ ضلعي اندر شيخ زيد اسپتال، وومين اسپتال، تعلقي اسپتال ڏوڪري، رتو ديرو، رورل هيلٿ سينٽر نئون ديرو، آريجا، باڊهه ۽ رورل هيلٿ سينٽر ڳيريلو سميت ضلعي جي 11 هنڌن تي رت جي چڪاس لاءِ ڪئمپس قائم ڪيون.

ڊاڪٽر صفدر عباسي ٻڌايو ته، ضلعي اندر قائم ڪيل رت جي چڪاس وارين ڪئمپس تي 1105 ماڻهن جي رت چڪاسي وئي، جن مان 3 عورتن سميت 12 ماڻهن کي ايڊز ايڇ آءِ وي جراثيم هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. ايڇ آءِ وي جراثيم جي تصديق ٿيڻ بعد سمورن ماڻهن جي علاج لاءِ کين ايڊز سينٽر موڪليو آهي، جن جو علاج ڪيو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *