Friday , April 26 2024

لاڙڪاڻي شهر ۾ بلاول جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي شڪست، معظم عباسي ٻيهر ڪامياب

لاڙڪاڻي شهر ۾ بلاول جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي شڪست، نثار کهڙو جو ايندڙ عام چونڊن لاءِ رستو صاف

لاڙڪاڻو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ جي ڊي اي جي معظم عباسي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو کي شڪست ڏئي ٻيهر ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن مطابق جي ڊي اي اميدوار معظم عباسي 31 هزار 557 ووٽ کڻي جميل سومرو کي شڪست ڏئي ميدان ماري ورتو آهي. پي ايس 11 جي ننڍي چونڊ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي  جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل / سياسي معاملن بابت سيڪريٽري جميل احمد سومرو 26 هزار 21 ووٽ کڻي هارائي ويو آهي.

غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن اچڻ کانپوءِ پ پ پ اميدوار ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل سومرو هڪ نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جميل سومرو چيو ته ننڍي چونڊ ۾ به گذريل عام چونڊن واري رويي کي ورجايو ويو آهي. اسان کي جيستائين فارم 45 ملندو رهيو ايستائين منهنجي سرسي هئي ۽ جڏهن فارم 45 ملڻ بند ٿيو ته منهنجي سرسي ناڪامي ۾ تبديل ٿي وئي.

لاڙڪاڻي جو پي ايس 11 پيپلزپارٽي لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر چئلينج بڻجي ويو

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *