Thursday , March 28 2024

لاڙڪاڻو پريس ڪلب ٻئي هنڌ منتقل ڪري ليڊيز ڪلب جي زمين تي قائم اڏاوتو هٽايون وڃن : سپريم ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار ليڊيز ڪلب/جناح باغ لاڙڪاڻي بابت سمورين ماتحت عدالتن ۾ هلندڙ سمورا ڪيس سپريم ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته، لاڙڪاڻو پريس ڪلب ٻئي هنڌ منتقل ڪيو، ليڊيز ڪلب جي ڀرپاسي قائم سمورا قبضا هٽايا وڃن، آمريڪي صدر به ڪنهن ريڙهي لڳائڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهي، سنڌ ۾ ڪو به ڊسيپلين ناهي، مسئلن جا انبار لڳا پيا آهن،ڊپٽي ڪمشنر ۽ ريلويز جا عملدار ڪهڙي قانون تحت فلاحي پلاٽ پرائيويٽ ماڻهن کي الاٽ ڪري رهيا آهن. هتي جنهن جي دلٿي چوي اهو سرڪاري زمينون ۽ پلاٽ الاٽ ڪندو ٿو وتي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي اچي مون کي احساس ٿيو آهي ته سنڌ ۾ ڪو به ڊسيپلين ناهي، لڳي ٿو ته هتي وڌيڪ 6 مهينا ويهي ڪيس ٻڌڻا پوندا.

چيف جسٽس چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ کوکو به الاٽ ڪرڻ جو اختيار ناهي، هتي جنهن جي دل چوي ٿي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو، ڇا آفيسر پنهنجي ذاتي زمين به ڀڳڙن مٺ تي اڏائي سگهن ٿا، جهڙي نموني هنن اربين رپين جي سرڪاري زمين الاٽ ڪئي آهي؟!. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪس رڳو عوامي ملڪيت هوندا آهن ۽ حڪومت چاهي به ته پارڪ تي ڪجهه نه ٿي ٺاهي سگهي. پارڪ جي زمين تي خانگي سرگرمين جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. چيف جسٽس لاڙڪاڻي پريس ڪلب سميت غير قانوني اڏاوتن کي هٽائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو سموري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪري.

چيف جسٽس وڌيڪ چيو آهي ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ريلوي وٽ ڪهڙو اختيار آهي جو اهي جنهن کي چاهين سرڪاري زمين الاٽ ڪري ڇڏين. چيف چيف جسٽس ايڊووڪيٽ جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ائين نه ٿئي ته اوهان گلف ڪلب يا چاڏول وارن کي اها زمين ڏئي ڇڏيو. عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن مان جناح گارڊن جي ڀرپاسي ۾ زمينن بابت سمورا ڪيس سپريم ڪورٽ ڏانهن منتقل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار رمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪراچي اچي احساس ٿيو ته سنڌ ۾ ڪو به ڊسيپلين ناهي، لڳي ٿو ته هتي وڌيڪ 6 مهينا ويهي ڪيس ٻڌڻا پوندا، آمريڪي صدر ٽرمپ کي ڪيبن به الاٽ ڪرڻ جو اختيار ناهي. هتي جنهن جي دل چوي ٿي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ٿو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ٽي رڪني بينچ، لاڙڪاڻي جي ليڊيز ڪلب تي قبضي ۽ غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ضمير گهمرو عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ۾ ليڊيز ڪلب جناح گارڊن جو حصو آهي، جناح گارڊن جي ٽوٽل ايراضي 20 هزار اسڪوائر گز آهي ۽ 3 هزار اسڪوائر گز تي ليڊيز ڪلب قائم آهي. هن چيو ته جناح گارڊن ۾ نيشنل هيلٿ سينٽر، لاڙڪاڻو پريس ڪلب، ۽ سرڪاري اسڪول موجود آهن. هن ٻڌايو ته ميونسپل ڪاميٽي لاڙڪاڻي جا دڪان ٺاهي مسواڙ تي ڏنا ويا آهن. ميونسپل ڪاميٽي کي اها ايراضي الاٽ ڪرڻ جو اختيار هو. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ڀرپاسي ۾ ريلوي جا قبصا پڻ آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گارڊن جو ڪجهه حصو خالي ڪرايو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *