Friday , March 29 2024

لاڙڪاڻو؛ رتوديرو ۽ نئون ديرو ايڊز جي وبا جي ور چڙهي ويو، صحت کاتو روايتي اعلانن تائين محدود

لاڙڪاڻو (خاص نمائندو سنڌسماءَچار) ڏيهان ڏيهه مشهور لاڙڪاڻو، نئون ديرو ۽ رتوديرو سميت انهن جا ڀرپاسي وارن علائقن جا رهواسي ايڊز جهڙي وبا جي ور چڙهي ويا آهن، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام فنڊز شهرن ۾ سيمينار ڪرڻ ۽ ايڊز جي عالمي ڏينهن تي اشتهار بازين ذريعي دوڪانداري ۾ مصروف رهڻ کانپوءِ نيٺ ميڊيا پاران معاملو منظر تي آڻڻ بعد جاڳي پيو آهي، اهو به روايتي قدمن کانن اڳتي وڌڻ جو نالو ئي نه پيو وٺي. سنڌسماءَچار لاڙڪاڻو جي خاص نمائندي جي رپورٽ مطابق، لاڙڪاڻي شهر، رتيديري ۽ نئين ديري شهرن توڙي انهن جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن جا رهواسي ايڊز جي ور چڙهي ويا آهن، ايڊز جي مرض ۾ مبتلا مريضن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارڙن جو ٻڌايو پيو وڃي. جنهن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته رتوديرو ۽ نئون ديرو شهرن توڙي انهن جي ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسي وڏن ماڻهن جو وڏو تعداد به هن موذي مرض ۾ مبتلا آهي. جيڪو لڪايو پيو وڃي يا وري ماڻهن پاران ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن. سنڌ سماءَچار جي خاص نمائندي جو چوڻ آهي ته، علائقي واسين کان معملومات وٺڻ کان پوءِ اها ڳالهه واضح ٿي وئي آهي ته، عام ماڻهن ۾ ايڊز جي مرض بابت شعور جي کوٽ آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو ماڻهو ايڇ آءِ وي ٽيسٽ ۽ ان جي هر مرحلي کان مڪمل طور تي اڻڄاڻ آهن.

ان سلسلي ۾ صحت کاتي جي صوبائي وزير جيڪا پاڻ به ڊاڪٽر آهي جو ان سلسلي ۾ وري منتق ئي پنهنجو آهي، صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو مختلف ٽي وي چئنلز ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب دوران چيو آهي ته، ” ايڊز جو مرض ته پنجاب ۾ به آهي پوءِ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ان مرض بابت واويلا ڇو ٿي رهي آهي، ان جي پويان به ڪا سازش آهي.“ ڊاڪٽر عذرا افضل پيچوهو ڪجهه مهينا اڳ ڇتي ڪتي جي چڪ بعد بيماري جي بچاءَ واري ويڪسين جي سرڪاري اسپتالن ۾ نه ملڻ وارين شڪايت وڌي وڃڻ ۽ معاملو ميڊيا ۾ اچڻ بعد پنهنجي بيان ۽ سنڌ اسيمبلي جي فلور تي چيو هو ته، ” ڪتا سڀ ڇتا نه ٿيندا آحن، جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتو چڪي زخمي / ڏاڙهي ٿو ته پهريان ان ڪتي کي هٿ ڪري پڪ ڪيو ته اهو واقعي به ڇتو آهي يا نه. هن ڀيري ايڊز وارو معاملو منظر تي اچڻ بعد ڊاڪٽر عذرا پيچوهو جي عجيب منتق سامهون آئي. جنهن ۾ هن ساڳئي نموني جو بيان ڏنو ته ” ايڊز ته پنجاب ۾ به آهي پوءِ لاڙڪاڻي واري معاملي تي واويلا ڇو پئي ڪئي وڃي.“

خوراڪ کاتي جي خدمت، ڪنڌڪوٽ ضلعي مان سوا ارب رپين جي ڪڻڪ گم

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *