Friday , April 19 2024

لاڏلي جا ڦاٽل دُهل للڪاري رهيا آهن، ڪنهن جي به دڙڪن ۾ اچڻ وارا ناهيون: آصف زرداري

لاڙڪاڻو / ڳڙهي خدابخش (رپورٽر   سنڌسماءَچار) اسان کي لاڏلن جي ڦاٽل دهلن ٻيهر للڪاريو آهي، مان ڊڄڻ وارو ناهيان، بلاول به شهيد بينظير ڀٽو ۽ منهنجو پٽ آهي کيس ڊيڄاري نه ٿو سگهجي، اهو چوڻ هو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف زرداري ڳڙهي خدابخش ۾ بينظير ڀٽو جي يارهين ورسي جي موقعي تي ٿيل جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. آصف علي زرداري چيو ته اسان جمهوري انداز ۾ مقابلو ڪري ٺپا هڻي هنن کان ٻيهر حڪومت واپس وٺنداسين. بلاول ڀٽو زرداري منهنجو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو پٽ آهي ان کي ڪير به ڊيڄاري نٿو سگهي. هن چيو ته هن وقت پاڪستان جي ڪيترن ئي دوست ملڪن مدد ڪئي آهي پر ان جي باوجود حڪمران ملڪ هلائي نٿا سگهن. هڪ سئو ڏينهن تمام گهڻا آهن، پر شرط اهو آهي ته حڪومت هلائڻ وارن ۾ اهليت هجڻ گهرجي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته، اسان ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون، ڦاٽل دهلن جو هر جاءِ تي مقابلو ڪنداسين ۽ ڏکين حالتن سان منهن ڏينداسين. حڪمران انڌا گونگا ۽ ٻوڙا ٿي ويا آهن، جيڪي نه ڏسن ٿا، نه ٻڌن ٿا ۽ نه ئي ڳالهائي سگهن ٿا. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان پرويز مشرف کي نوڪري مان ڪڍرائي ڇڏيو هو هاڻوڪن حڪمرانن جو به هر موڙ تي مقابلو ڪنداسين، پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن گڏ آهن.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *