Saturday , April 20 2024

لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نواز شريف چئن هنفتن لاءِ پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ لاءِ وڃي سگهي ٿو: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) لاهور هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي پرڏيهه مان علاج بعد واپسي جي شرط تي سندس نالو اي سي ايل مان نالو غير مشروط طور خارج ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت شهباز شريف تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ شهباز شريف جي درخواست منظور ڪندي وفاي حڪومت ۽ نيب جا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. عدالت نواز شريف کي چئن هفتن/ هڪ مهيني لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. عدالت اڄ 16 نومبر ڇنڇر ڏينهن صبح نائين وڳي کان لاڳيتو ٻڌڻي ڪندي رهي ۽ ٻيا سمورا معاملا / معطل ڪري ڇڏيا هئا.

لاهور هاءِ ڪورٽ وفاقي حڪومت پاران نواز شريف جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ سيڪيورٽي بانڊز واري پابندي به ختم ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت نواز شريف جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ 7 ارب رپين جا سيڪيورٽي بانڊز جمع ڪرائڻ جو شرط لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ضمانت واري حڪم ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شرط نه لڳايو هو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *