Friday , March 29 2024

لاهور جي ريڊڪريسينٽ ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال فيس وڌيڪ وٺڻ تي گرفتار

لاهور( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ   ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثارميڊيڪل جي شاگردن کان وڌيڪ فيون وٺڻ وارين شڪايتن تي ريڊڪريسينٽ ميڊيڪل ڪاليج جو دورو ڪيو، چيف جسٽس جي حڪم تي پوليس وڌيڪ فيس وٺڻ تي ڪاليج جو پرنسپال گرفتار لاڪ اپ موڪلي ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار لاهور جي ڦول گنر واري علائقي ۾ قائم، ريڊ ڪريسينٽ ميڊيڪل ڪاليج جو اوچتو دورو ڪيو، جتي شاگردن سان به ملاقات ڪئي ۽ ڪاليج ۾ سهولتن جو معائنو ڪيو.

چيف جسٽس جي دوري دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين، وڌيڪ فيسز وصول ڪرڻ تي ڪاليج انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. شاگردن جي احتجاج تي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار آڏو احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو ته ڪاليج لکين رپيا في به ورتي ۽ چندي جي آڙ ۾ پئسا الڳ ورتا. چيف جسٽس شاگردن جي فرياد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ميڊيڪل ڪاليج به ڳريون فيون وصولي رهيا آهن پر شاگرن کي ڪهڙي سهولت ڏئي رهيا آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار ميڊيڪل ڪاليج جو اڪائونٽ آفيس سيل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. چيف جسٽس ان موقعي تي ايف آءِ اي کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي رڪارڊ قبضي ۾ وٺي عدالت ۾ پيش ڪري. پوليس چيف جسٽس جي حڪم تي ريڊ ڪريسنٽ ميڊيڪل ڪاليج جي وائس پرنسپل ڊاڪٽر شوڪت کي گرفتار ڪري ورتو. چيف جسٽس طرفان ٿيل فوري ڪارروائي تي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن چيف جسٽس جي حق ۾ نعرا هنيا، جنهن کان پوءِ جسٽس ثاقب نثار واپس لاهور لاءِ روانو ٿي ويو. چيف جسٽس ڪاليج انتظاميه کي ٻن ڏينهن ۾ واڌو فيون واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن انتظاميه شاگردن جا پئسا واپس نه ڪيا ته ايف آءِ اي ڪارروائي ڪندي. جڏهن ته باقي ڪيس جو فيصلو عدالت ۾ ٿيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *